116

بلوچستان جي ٻن ضلعن ۾ ٻه ڌماڪا، 4 اهلڪار شهيد، علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ٻن ضلعن ۾ ٻه ڌماڪا، 4 اهلڪار شهيد، ان سلسلي ۾ گوارگو ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي بل حملي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو، جڏهن ته زيارت ۾ سيڪيورٽي فروسز جي گاڏي ويجهو ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ليويز اهلڪار شهيد ٿي ويا، ليويز عملدارن موجب پنجگور جي علائقي گوارگو ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي دهشتگردن پاران بم حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو ۽ 3 زخمي ٿي پيا، عملدارن جو چوڻ آهي ته واقعي جو اطلاع ملنديئي پوليس  ۽ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري واقعي واري جاءِ تي پهتي، زخمين ۽ شهيد اهلڪارن کي اسپتال متنقل ڪيو، جڏهن ته علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو