107

آمريڪا، برطانيا ۽ آسٽريليا شهرين کي ڪابل ايئرپورٽ وڃڻ کان روڪي ڇڏيو

لنڊن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا، برطانيا ۽ آسٽريليا پنهنجي شهرين کي ڪابل ايئرپورٽ وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب ٽنهي ملڪن پاران بيانن ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگرد حملي جو خطرو آهي، ان ڪري شهري ڪابل ايئرپورٽ کان پري رهن، جيڪي شهري قابل ايئرپورٽ واري علائقي  ۾ آهن اهي محفوظ هنڌ ڏانهن هليا وڃن، برطانوي شهري ڪنهن ٻئي ذريعي سان افغانستان مان فورن نڪري وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو