ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خاص عدالتن جي انتظامي جج بشير احمد کوسو بحريه ٽائون ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن کي نقصان رسائڻ وارن 29 ڪيسن ۾ پوليس پاران پيش ڪيل عبوري چالان قبول ڪندي ڪيسن کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ڪراچي سينٽرل جيل ويجهو جڊيشل ڪمپليڪس جي خاص عدالت نمبر 15 ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي، ڄاڻايل ڪيسن ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي، امجد مهيسر، ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه، زين العابدين شاهه، ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ عبدالخالق جوڻيجو سميت 150 کان وڌيڪ ڪارڪن جوابدار طور نامزد ٿيل آهن، پوليس صنعان قريشي جي ٽن ڪيسن ۾ ضمانت ٿيڻ بعد کيس وڌيڪ 18 ڪيسن ۾ به جوابدار طور نامزد ڪرائي ڇڏيو، خاص عدالتن جي انتظامي جج 29 مان 21 ڪيسن ۾ جوابدار طور نامزد سيد جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي، عبدالخالق جوڻيجو، گل حسن ڪلمتي، مراد فيض محمد گبول ۽ ٻين جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ۾ پڻ 8 سيپٽمبر تائين واڌ ڪندي سندن خلاف ڪيسن کي به خاص عدالت نمبر 15 جي جج امير علي مهيسر جي عدالت ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي.
121