ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي جي مڪاني ادارن ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه ايران جي قونصل جنرل حسن نوريان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ايراني قونصل خاني جو اڪنامڪ اتاشي عامر جعفري پڻ موجود هو. ان موقعي تي گڏيل دلچسپي وارن معاملن، ٻه طرفي واپار، سياحت ۽ ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ايران اسان جو بهترين پاڙيسري ملڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جا مضبوط تعلق آهن. هن چيو ته ايران سان تعلق کي قدر جي نطر سان ڏسون ٿا. هن چيو ته سنڌ ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن جڏهن ته سنڌ حڪومت واپاري ۽ ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. ان موقعي تي ايران جي قونصل جنرل حسن نوريان چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مذهب، ثقافت سميت ڪيتريون ئي شيون هڪجهڙيون آهن. ايران ۽ پاڪستان ۾ تمام گهڻو پوٽينشل آهي، ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. ايراني قونصل جنرل حسن نوريان صوبائي وزير سيد ناصر حسين ساهه کي ايران جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جيڪا صوبائي وزير قبول ڪري ورتي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ڪرونا صورتحال معمول تي اچڻ کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي ثقافتي ۽ واپاري وفدن جي مٽاسٽا شروع ڪئي ويندي. آخر ۾ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه مهمانن کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جي تحفا پيش ڪيا جڏهن ته ايراني قونصل جنرل صوبائي وزير کي يادگار شيلڊ پيش ڪئ
120