ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اقليتي معاملن واري وزير گيانچند ايسراڻي گوليمار شمشان گهاٽ ۽ هنومان مندر سولجر بازار جو دورو ڪيو. ان موقعي تي اقليتي معاملن وارو سيڪريٽري حافظ عبدالحادي بلو، ڊائريڪٽر عبدالشڪور ابڙو ۽ ايگزيڪيوٽو اجنيئر اشوڪ ڪمار ۽ ٻيا پڻ سندس گڏ موجود هئا. صوبائي وزير شمشان گهاٽ جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ جاري ترقياتي ڪمن جو معائنو ڪيو. صوبائي وزير هدايت ڪئي ته التوا جي شڪار ترقياتي اسڪيمن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. هنومان مندر سولجر بازار جي گادي نشين ۽ شمشان گهاٽ جي مک شيوا دهاري مهاراج ناٿ صوبائي وزير کي شمشان گهاٽ ۽ تاريخي هنومان مندر جي التوا جي شڪار ترقاتي ڪمن جي حوالي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. صوبائي وزير چيو ته اولڊ گوليمار هندو برادري جو ڪراچي ۾ واحد شمشاد گهاٽ آهي، اقليتي برادري جي سهولت لاءِ جاري ترقياتي اسڪيمون مڪمل ڪيو وڃن. صوبائي وزير انجنيئر کي هدايت ڪئي ته شمشان گهاٽ ۽ هنومان مندر جون جيتريون به ضرورتون آهن انهن جو سروي ڪيو وڃي ۽ آئينده اي ڊي پي لاءِ اسڪيمون تيار ڪيون وڃن.
