جميڪا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم هو به عمران خان جيان چمپئين ڪپتان بڻجڻ چاهي ٿو، آن لائن پريس ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي بابراعظم چيو ته سينئر رانديگرن کان عمران خان جي ڪپتاني بابت گهڻو ڪجهه ٻڌو آهي،عمران خان منهنجو آئڊيل ڪپتان آهي، آئون به ان ئي جهڙو چمپئين ڪپتان بڻجڻ چاهيان ٿو، هڪ سوال جي جواب ۾ بابراعظم چيو ته عابد علي ۽ عمران بٽ جي اوپنگ جوڙي بابت ايندڙ سيريز ۾ ڪو فيصلو ڪنداسين، عمران بٽ بيٽنگ۾ سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري پر هن فلڊنگ ۾ بهتر ڪم ڪيو آهي.
