ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي سائنسدان هڪ تحقيق کانپوءِ ٻڌايو آهي ته ماڪوڙيون ڊگهي ۽ مظبوط سرنگهون ٺاهڻ جي سائنس ڄاڻنديون آهن، ماڪوڙين پاران ٺاهيل سرنگهون جي ڊيزائن ايتري مظبوط هوندي آهي جو 10 سال تائين رهي سگهنديون آهن،ماڪڙيون اهڙي طريقي سان سرنگهه مظبوط ٺاهينديون آهن، جو کين ويهڻ ۾ ڪو خطرو نه لڳي، سائنسدان مطابق ماڪوڙين جي سرنگهه تعمير ڪرڻ جي راز جي کوج ڪئي آهي، جنهن سان مزدور ربوٽ ٺاهيا ويندا.
