ٽوڪيو(دلچسپ نيوز) جاپان ۾ دنيا جو تيز ترين جهولو رولر ڪوسٽر عام ماڻهن لاءِ بند ڪيو ويو آهي، رپورٽ مطابق موت جي رفتار جي نالي سان مشهور رولر ڪوسٽر ۾ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا واقعا وڌڻ لڳا، جنهنڪري ان کي بند ڪيو ويو آهي، رولر ڪوسٽر جي اسپيڊايتري تيز هوندي آهي، جو اڪٽر ويهندڙ بيهوش ٿي ويندا آهن،تيز اسپيڊ ۽ جهٽڪن سبب ڪيترن ماڻهن جا ڪنڌ مڙي ويا ۽ چيلهه ۾ تڪليف جي شڪايت ڪئي.
