ليکڪ: شوڪت علي جلباڻي
ڪي قلم پنهنجو داد يا اجورو سماج مان حاصل ڪري ڳاٽ اوچو ڪري جيئن ٿا ۽ اهي ٻين جي احساسن ارمانن جي ترجماني ڪري پنهنجن گهرن ۾ ارمانن، احساسن، خواهشن جا روز جنازا کڻندا رهن ٿا ته ڪي وري درٻاري بڻجي جي حضوري ڪري پنهنجي ساک ۽ وڏو نالو پيدا ڪري وڃن ٿا، اثر رسوخ ۽ اقتداري هجڻ جي ڪري اهو ئي ادب تهذيبن جي اڪثر تاريخ ليکيو ويندو آهي، هن وقت اهڙن قلمن جي اڪثريت هجڻ جي ڪري ئي شايد معاشرو موجوده اخلاقي زوال پذيري ڏانهن ڌڪجندو پيو وڃي، جن قلمن ۾ اجوري جو زنگ لڳل هوندو آهي اهي مٿي بيان ڪيل اختياري شعور رکن ٿا ۽ پنهنجي اجرت موجب ئي تاريخ کي سانڍين ٿا جيڪو ادب اوهان وٽ نج پهتو اهو هڪ مشن يا مقصد هو، جنهن جي پونئيرن انهن کي اڳتي هلي درسگاهن جي بدران درگاهن جا روپ اختيار ڪرائي ورتا آهن. اوهان تيسين قابل قبول ناهيو جيسين انهن جي اڳيان سر نه ٿا نمايو، ٻي صورت ۾ اوهان جي تخليق بي نامي ٿي ڪنهن نه ڪنهن جو نالو کڻي داد وصول ڪري ويندي ۽ اوهان ادب جي تاريخ ۾ بي نام دفن ٿيل هوندا پر آئون ان ڳالهه سان اتفاق نه ٿو رکان ته هن نفسانفسي جي دور ۾ جتي انسان مفادن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي اتي ادب پنهنجو ڪو ڪردار ادا نه ٿو ڪري سگهي، منهنجي نظر ۾ موجوده حالتن جو ذميوار ئي ادب آهي، جنهن انسان جي احساسن جي جڳهه تي انساني مفادن کي مٿانهون ڪري پيش ڪيو ۽ سماج جي تربيت ۾ فوقيت انفراديت کي ڏني آهي. گيت، بيت، نثر، ڪهاڻيون، ناول ۽ ڊراما ئي رڳو ادب جو نالو نه آهن ،پر اهي سڀ صنفون معاشري جي اخلاقي نشونما ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن، انهي ڪري انهن تحريرن ۾ تحقيق جو عنصر ڀلي گهٽ ئي هجي پر تخليق جو عنصر انتها تي پهتل هوندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن سندس عروج ايترو هوندو آهي، مفروضن تي ٻڌل اهي تخليقون الهام لڳڻ لڳنديون آهن، مضمون، مقالا، رپورٽون، ڪالم توڙي خبرون پڻ ادب جون اهڙيون صنفون آهن جن ۾ تحقيق لازم آهي، تحقيق کان سواءِ اهي ادبي صنفون تحريرن جي صورت ۾ لفظن جو اهڙو ڍير هونديون آهن، جنهن جي بدبوءِ هر وقت معاشري کي بيمار ڪندي رهندي آهي، مٿين سڄي تمهيد ٻڌڻ جو مقصد هو ته جڏهن جديد دور ۾اڪثر لکيل ۽ ڇپيل مواد کي پڙهجي ٿو يا ڏسجي ٿو انهن تخليقن ۾ تحقيق جو هڪ ته عنصر نه ٿو ملي، ٻيو ته مواد کي مختلف ذريعن سان سهيڙي انهن تي تحقيق ڪرڻ کانسواءِ اڄڪلهه نه صرف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇاپيو پيو وڃي پر سرڪاري توڙي عوامي سطح تي پڻ اهڙن ناقدن کي مان ڏنو ٿو وڃي، نتيجي ۾ اڄ جيڪا عدم برداشت ۽ وهشت جي صورتحال آهي انهي ۾ موجوده ادب ئي (جيڪو ڇاپيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو) گهڻي ڀاڱي ذميوار آهي، جڏهن ادب حقيقي منظر ڪشي ڪرڻ ۾ ناڪام رهندو ۽ فقط ئي فقط مفروضن تي ڀاڙيندو ته يقينن اسان جهڙا ئي مادي پرست ۽ مفاد پرست معاشرا جنم وٺندا، اسان جو ادب به هن وقت ذات پرستي، پيري مريدي، مذهب پرستي ۽ غلام پرستي جهڙين زنجيرن سان جڪڙيل آهي، جڏهن اسان جو ادب آزاد ٿي ويندو ته يقينن انهي ڏينهن ئي اسان جو شعور آزاد ٿي ويندو ۽ اسان کي ڪنهن انقلاب جو انتظار ڪرڻو نه پوندو، آئون ڪنهن ڪتاب تان ڪنهن خيال کي کڻي پنهنجين لکڻين جو پيٽ ڀري پڙهندڙن جي اڳيان رکڻ جو قائل ناهيان، انهي ڪري جيڪڏهن ڪٿي خيام خيالي ۾ ڪا ڪوتاهي ٿي هجي ته آئون پنهنجي اصلاح جا دروزا اوهان لاءِ کليل رکان ٿو. (پورو ٿيو)