114

دنيا جون ڳڻتيون ۽ افغانستان ۾ سڌاري جون اميدون…

ليکڪ: جاويد نقوي

ڪابل تي ٻيو ڀيرو قبضي کانپوءِ طالبان کي هاڻ مقابلي وارا رجحان سامهون آهن، هڪ طرف ڪجهه وڏن آوازن ۾ تنقيد ڪرڻ وارا آهن ته ٻئي طرف ڪجهه فرد ۽ مختلف افغان نسلي گروهه عورتن ۽ ٻارن جي حقن لاءِ ڳالهيون ڪري رهيا آهن، جن ۾ مقامي، غير مقامي ۽ اعتماد وارا تجربيڪار ڪارڪن موجود آهن ۽ اهي ان دائمي ڇڪتاڻ جي راحت جي معمولي موقعي کي به وڃائڻ نٿا چاهين ته جيئن جنگ سٽيل علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن لاءِ ساهه کڻڻ جي کلي فضا قائم ڪرڻ جي راهه هموار ڪري سگهجي، علي الاعلان تنقيد ڪندڙن ۾ اولهه جا انتهاپسند ۽ ڀارتي نيوز چئنل اڳيان اڳيان آهن، انهن ۾ مختلف قسمن جا لبرلز به آهن، جيڪي افغانستان ۾ قابض فوج جي حمايت ته نٿا ڪن پر بندوق جي نوڪ تي انساني حقن جي فراهمي واري غير حقيقي تصور جي مڪمل مخالفت به نه پيا ڪن، ڀارتي نقادن ان صورتحال ۾ هندو-مسلم ورهاست کي وڌائڻ جو موقعو تلاش ڪري ورتو آهي، ته جيئن ايندڙ سال اتر پرديش ۾ ڪاميابيءَ جا امڪان وڌائڻ لاءِ ڪو بهانو هٿ لڳي يا وري اهڙو ڪو موقعو ملي جنهن ۾ مظلوم ڪشميرين تي وڌيڪ ظلم ۽ ستم ڪري سگهجي ته جيئن قومپرستي جي راڳ ۾ انوکو سر ڇيڙيو وڃي. ڀارت ۾ کاٻي ڌر وارا طالبان کي جاني دشمن قرار ڏئي چڪا آهن ۽ انهن فردن خلاف فوجداري ڪيس به داخل ڪرايا ويا آهن جيڪي مبينا طور تي آمريڪي شڪست کانپوءِ سٺين حالتن جي اميد لڳائي ويٺل آهن، اطلاعن مطابق بي جي پي جي اقتداري رياستن ۾ ائين ٿي رهيو آهي، پر اٽل بهاري واجپائي جي ويجهي صلاحڪار سڌيندر ڪلرڪني جي ان تجويز آڏو هندو انتهاپسند بيوس آهن جنهن ۾ چيو آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان کي گڏيل طور طالبان سان ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ تڪرار جو شڪار ملڪ سميت علائقائي امن ۽ ٻڌي وارو ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي. ان کانسواءِ بناجواز تنقيد جي شوقين ميڊيا به افغانستان، پاڪستان ۽ ايران جا معاملا سنڀاليندڙ ڀارتي سفارتڪار جي تبصري تي ڪو وڏو اعتراض نٿي ڪري سگهي، ايم ڪي ڀدر ڪمار ڀارت کي اها تجويز ڏني آهي ته اها طالبان جي اقتدار واري افغانستان کي سارڪ ۽ ممڪن ٿي سگهي ته شنگهائي ڪلب ۾ هڪ خودمختيار ۽ آزاد حيثيت سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ ۾ مدد ڏئي، ڀارتي کاٻي ڌر جو ردعمل ڪنهن حد تائين حالتن ۽ واقعن ۾ پاڪستان ۽ چين لاءِ امڪاني فائدن کي نظر ۾ رکندي به ڏنو پيو وڃي، ياد رکو ته في الحال فائدا غير يقيني جي ڦڙڪندڙ پردن جي پويان صرف امڪان جي حد تائين محدود آهن، ٽوني بليئر جهڙي مغربي انتهاپسند آمريڪي فوجون ڪڍڻ کي بيوقوفي سان تعبير ڪيو آهي، مسئلو شايد بليئر سان آهي تڏهن ته کيس هلمند ۽ قنڌار ۾ وچين دور جي مليشيا هٿان عوامي تباهي جي منصوبي جي تيارين جي کڙڪ ئي نه پئي هئي. افغان مان فوجون ڪڍڻ تي 2 متضاد تصور ڏسڻ لاءِ ملن ٿا، هڪ تصور اهو آهي ته چئني طرفن کان زميني سرحدن ۾ گهيريل ڪمزور ملڪ خلاف يا ان جي اندر جنگي سلسلو جاري رکڻ جي خواهش ترڪ ڪندي حالتن جي پرواهه ڪرڻ بنا اڦٽ ڀڄي وڃجي، آمريڪي صدر بائيڊن ان تصور جي حامين جو اڳواڻ آهي، اهو ان ڪري ته کيس افغانين سان همدردي نه آهي پر هن کي ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ وڌيڪ ضروري ۽ دلچسپ ڪم پئجي ويو آهي، آمريڪي صدر شايد اها اميد رکي ويٺو آهي ته جيڪڏهن هو ڪنهن ٻئي ميدان تي سورمو بڻجي ويو ته ڪابل مان فرار ٿيڻ واري خلق کلائڻ جو حساب پورو ٿي ويندو، هڪ طرف ڪجهه اهڙا پرخلوص ۽ بااعتماد ماڻهو آهن جيڪي افغانستان لاءِ اميد جو دامن ڇڏڻ لاءِ بلڪل به تيار نه آهن ۽ اهي گڏيل قومن جا ڪارڪن آهن اهي حالتن ۽ واقعن جي پرواهه ڪرڻ بنا فتح نه ٿيندڙ روح وانگر پنهنجو سٺو ڪم جاري رکيو ويٺا آهن ۽ اهي ئي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي زميني حقيقتن جو بهتر اندازو رکن ٿا، جڏهن ته افغانستان جي اقتدار تي طالبان جي اچڻ سان لاڳاپيل دنيا جي ڳڻتي ڪڏهن گهٽجي ۽ ڪڏهن وڌي وڃي ٿي، هاڻ ٿورو ان ڳالهه تي غور ڪيو ته ڪجهه ويجهن ۽ پري رهندڙن چيئر ليڊرز افغان عورتن جي بهتر مستقبل جي اميد ان موقعي تي رکي آهي جڏهن پنج شير جي اتر واريون فوجون مذهبي انتهاپسند طالبان جي وڌندڙ اثر خلاف مزاحمت ڪري رهيون آهن، افغانستان ۾ پنج شير ۾ مقرر گڏيل قومن جي مشن مطابق ظاهري طور نيم ڪٽر مذهبي اتر اتحاد جي قياد ت ۾ به عورتن جي حالت ڪا گهڻي بهتر نه آهي، ظريفه رزئي پنج شير ۾ وڪيل آهي، هن 2018ع ۾ اڳوڻي انتظاميا طرفان ٿيندڙ سيمينار ۾ گڏيل مثبت ۽ منفي عنصرن جا حوالا پيش ڪيا هئا. رزئي گڏيل قومن جي افغانستان ۾ اسسٽينس مشن جي تعاون سان ٿيندڙ بحث ۾ وفد کي ٻڌايو هو ته عورت وڪيلن جي کوٽ ۽ عورتن کي بنيادي حقن بابت ڄاڻ نه هجڻ 2 اهم مسئلا آهن، جيڪي عورتن کي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻجن ٿا، اسان هتي 2 کان 3 سال پراڻي صورتحال جو ذڪر ڪري رهيا آهيون، جڏهن غير ملڪي ڪرپٽ فوجي طاقت جو اقتدار موجود هو. يونيسيف جي افغانستان ۾ 65 سالن جي موجودگي ان ملڪ جي شهرين ۽ خاص ڪري ان تنظيم جي ذمي ٻارن ۽ عورتن لاءِ تسڪين جو سبب آهي.ثابت قدمي سان بيٺل هي ادارو پاڻ سان جڙيل امدادي ادارن ذريعي ڏکي صورتحال ۾ به ماڻهن تائين کاڌو پهچائي رهيو آهي، وڌيڪ اهو ته هي ادارو طالبان جي مدي دوران به پوليو جي خاتمي جي ڪوششن کي وڌائڻ جو ارادو رکي ٿو، هي اهو ڪم آهي جنهن کي آمريڪي فوج پنهنجي غرض خاطر نه وڌايو، اداري پنهنجي هڪ واضح مشن بيان ۾ چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن پهريان ڪابل تي مڪمل قبضي کان اڳ ٿيندڙ هٿياربند تڪرار جي آخري مرحلي دوران به يونيسيف افغانستان جي ٻارن جي مدد ڪندو رهيو ۽ انهن جي فوري داد رسي لاءِ سرگرم رهيو، ڀلي ڪيترا به جوابن کان محروم سوال هجن هڪ ڳالهه واضح آهي ته يونيسيف پنهنجو ڪم جاري رکندو ۽ افغانستان جي هر ٻار ۽ هر عورت جي ضرورت کي پورو ڪندو رهندو.اداري مطابق اهو سچ آهي ته اسان کي پنهنجي تحفظ خاطر طالبان ڪجهه صوبائي علائقن ۾ امن قائم ٿيڻ تائين آپريشن روڪڻ لاءِ چيو آهي، پر اسان سمورن صوبن ۾ مقامي قيادت سان روزاني جي بنيادن تي رابطي ۾ آهيون ۽ انهن جو پيغام واضح آهي، هو چاهين ٿا ته اسان اتي رهون ۽ افغانستان ۾ پنهنجو ڪم جاري رکون. ثقافتي طور تي جارحيت پسند طالبان ماضي  ۾ معصوم شهرين تي ڪيل پنهنجي ظلم خاص طوري تي جهڙي طرح سيڪيولر فن ۽ موسيقي کي هدف بڻايو هو ان جو ڳرو بار اڄ به رکن ٿا  ۽ ڪراچي جي ممتاز رقاصا شيما ڪرماني چوي ٿي ته انهن هڪ ڀيرو وري ساڳي روش اختيار ڪري ورتي آهي، انهن قومي موسيقارن جا ساز ٽوڙي ڇڏيا آهن ۽ سازندن کي گهر وڃڻ لاءِ چيو آهي پر چيو وڃي ٿو ته شهنشاهه اورنگزيب موسيقي تي پابندي لڳائي هئي ۽ اڳتي هلي ڀارتي موسيقي جي ڌنن عروج حاصل ڪيو ۽ مغل درٻارن انهن کي جلا بخشي، افغانستان به گهڻو مختلف ثابت نه ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو