ليکڪ: حاڪم نصيراڻي
پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي خداخدا ڪندي ٽي سال مڪمل ٿي ويا آهن، وچ ۾ ڪجهھ اهڙا لمحا به آيا جو خان صاحب جي حڪومت جي ڪرسي جا پاوا ٽٽندي محسوس پئي ٿيا، پر بهرحال هو ٽي سال مڪمل ڪري ويو آهي ۽ ان جي خوشي ۾ وقت جي حڪومت پاران پنهنجي ڪارڪردگي پيش ڪرڻ لاءِ هڪ پر وقار تقريب ڪوٺائي وئي، ان سان گڏ وڏيون وڏيون اسڪرينون لڳائي مختلف شھرن ۾ ان تقريب جي هلندڙ ڪارروائي به ڏيکاري وئي، تقريب کي مختلف حصن ۾ ورهايو ويو، پهرئين حصي ۾ عمران خان جي سياسي جدوجهد جو ذڪر ڪيو ويو، 1996ع کان شروع ٿيل عمران خان جي سياسي ڪاميابين جو شاندار انداز سان ذڪر ڪيو ويو پر افسوس ان ڳالهھ جو به آھي ته عمران خان جيڪا ڊڪٽيٽر پرويز مشرف جي حمايت ڪئي هئي ان جو ڪٿي به ذڪر نه ڪيو ويو، جڏهن شوڪت خانم اسپتال جي ڳالهھ هلي ته اتي نواز شريف پاران ڏنل زمين ۽ امداد جو ذڪر نه ڪيو ويو، مزيدار ڳالهھ اها ٻڌائي وئي ته ٻيون پارٽيون فوجي ڊڪٽيٽرن جي آشيرواد سان ٺھيون پر تحريڪ انصاف اها واحد پارٽي آھي جيڪا صرف عمران خان عوام جي درد کي محسوس ڪندي ٺاهي، پاڪستاني سياست تي گهري نظر رکندڙ ماڻھو سمجهن ٿا ته پاڪستان ۾ وقت کي نظر ۾ رکندي ڪيتريون ئي پارٽيون ٺاهيون ويون انهن ۾ ڪجهھ نامور ماڻھن کي شامل به ڪيو ويو پر وري حالتن کي ڏسندي اهي ٽانگا پارٽيون بڻجي ختم ٿي ويون، سندن ناڪامين جا ڪهڙا ڪارڻ آھن ان جي به سڀني کي خبر آھي، چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته مينار پاڪستان واري جلسي ۾ ايترا ماڻھو ڪٿان آيا ۽ ڪنهن آندا اها به سياسي سمجهھ رکندڙ سڀني ماڻھن کي خبر آھي، ان کان پوءِ جنهن تيزي سان لاٽون جيئان ڦيريون کائيندڙ ماڻھو پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيا ان تي به هر زبان پنهنجي پنهنجي انداز ۾ تبصرو ڪري چڪي آھي، ٽن سالن جي ڪارڪردگي جو جيڪڏهن بغور جائزو وٺجي ته ملڪ ۾ غريب اڳ کان وڌيڪ غريب ٿي ويو آھي، هڪ عام ماڻھو وٽ سٺي ۽ خراب حڪومت جو تجزيو ان جي آمدني ۽ چلهھ جي خرچ سان ٿئي ٿو، حڪومت قرض وٺي ٿي يا لاهي ٿي ان سان عام ماڻھو جو ڪم ناهي پر جڏهن هڪ شيءِ جا اگهه اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌي وڃن ٿا ته عام ماڻھو کي گهڻو فرق محسوس ٿئي ٿو، کائڻ پيئڻ جي شين کان وٺي دوائن جي اگهن جي لاهن چاڙھن جي ڪري انهن جي زندگي متاثر ٿئي ٿي، ان جو اثر حڪومت جي ڪاميابي ۽ ناڪامي واري سوچ تي پئي ٿو، حڪومت پنهنجي ڪارڪردگي ۾ غريبن لاءِ احساس پروگرام۽ لنگر خانن جو ذڪر وڏي واڪي ڪيو پر ان کان اها ڳالهھ وسري وئي ته غريبن لاءِ پ پ جي دور ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هلايو ويو هو، ان کان اڳ به عشر زڪوات جي پوري وزارت غريب ۽ بي پهچ عوام جي خدمت لاءِ موجود هئي، اها ٻي ڳالهھ آھي ته اڄ به غريب عورتون احساس سينٽر تائين بينظير وارا پيسا چئي امداد وٺنديون آھن، عمران خان کي ڪير سمجهائي ته قومن جي بک لنگر خانن سان نه پر زورگار سان ختم ٿيندي آھي، لنگر خانن مان فرد جو پيٽ ڀرجي ٿو پر گهر ۾ موجود اهل ۽ عيال جي بک ختم ڪرڻ لاءِ گهر جو چلهو ٻرڻ ضروري آھي، ان سلسلي ۾ گذريل ٽن سالن تائين ڪو به جوڳو قدم ناهي کنيو ويو، بيروزگاري ختم ڪرڻ لاءِ نواز شريف جي دور ۾ به پيلي ٽيڪسي اسڪيم آئي هئي پر اهي گاڏيون حاصل ڪرڻ ڪنهن غريب لاءِ خواب کان گهٽ نه هيون، وزيراعظم عمران خان پنهنجي حڪومتي ڪارڪردگي جڏهن بيان ڪرڻ شروع ڪئي ته آئون حيران رهجي ويس! وزيراعظم جي ڳالهين مان لڳو ته اسان جي ملڪ عمران خان جي اڳواڻي ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي آھي ۽ جلد هاڻي دنيا جون ڪيتريون ئي قومون اسان کان امداد وٺنديون، عمران خان ٻڌايو ته جڏهن اسان کي حڪومت ملي ان وقت ملڪي خسارو 20 ارب ڊالر هو جيڪو هاڻي گهٽجي 1.8 ارب ڊالر وڃي بچيو آھي، اڳ ٽيڪس جي مد ۾ 3800 ارب رپيا وصول ڪيا ويندا هئا پر هاڻي ان اوڳاڙي ۾ اضافو ٿيو آهي جيڪو 4700 ارب تائين وڃي پهتو آھي، 18 سيڪڙو صنعت ۾ واڌارو ٿيو، گاڏين جي وڪري ۾ 65 سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي، سيمينٽ جي وڪري ۾ 42 سيڪڙو رڪارڊ واڌارو ٿيو آهي، ان مان ثابت ٿيو آهي ته ماڻھن پنهنجا پڪا گهر ٺاهيا آهن، وزيراعظم چيو آهي ته نيب اڳ 290 ارب اوڳاڙيا پر هاڻي ان 500 ارب کان مٿي ماڻھن کان پيسا واپس وٺي قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا آهن، پنجاب ۾ اينٽي ڪرپشن نواز ليگ جي ڏهن سالن جي دور ۾ رڳو اڍائي ارب حاصل ڪري سگهي هئي پر هاڻي ان ساڳي اداري 450 ارب کان مٿي پيسا وصول ڪيا آھن، هر سال هڪ هزار ارب ڊالر چوري ٿيندا هئا جيڪي هاڻي نه پيا ٿين، وزير اعظم اهو به چيو ته اسان ملڪ جي مفادن کي نظر ۾ رکندي حڪومت جا خرچ گهٽايا آهن، جيڪڏهن وزيرن ۽ مشيرن جي فوج ڏسجي ته ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪمي نظر نه ٿي اچي، اڄ به خير سان 50 کن وزير آھن ۽ مشير ته ڳڻڻ ۾ به نٿا اچن، لڳي ائين ٿو ڄڻ اهي وزير گاڏين جو پيٽرول، اسٽاف جو خرچ، سڪيورٽي جي مد ۾ بيٺل پوليس ۽ ٻين ماڻھن کي پيسا پنهنجي کيسي مان ڏيندا آھن، ڪرپشن ته بلڪل ئي ختم ٿي وئي آھي، ماسڪ وڪڻڻ جون ڳالهيون رنگ روڊ منصوبي، پشاور جي ڇڪڙا بسن لاءِ ٺھندڙ روڊن ۾ تبديليون، اٽي ۽ کنڊ واري اسڪينڊل جي ڪردارن جو وزارتن جا مزا وٺڻ وارا ماڻھو عمران خان کي نظر نه پيا اچن پر ڏسڻ وارن کي خسرو بختيار، ذلفي بخاري، عليم خان، سرور خان ۽ علي امين سميت ڪيترائي وزير ۽ مشير ڏسڻ ۾ اچن ٿا جيڪي خان جي ڪابينا جو حصو آھن، تحريڪ انصاف جي ٽن سالن جي اهڙي بهترين ڪارڪردگي مون کي ڪٿي نظر نه ٿي اچي، جيڪڏهن ايترو ڪجهھ ڪيو ويو آھي، پيسا به اڳاڙيا ويا آهن، ڪرپشن به روڪي وئي آهي، 3 هزار ارب ڊالر ٽن سالن تائين ٻاهر نه ويا ته پوءِ اهي ڪيڏانهن ويا؟ نيب، اينٽي ڪرپشن ۽ ٻين پيسن کي ڇڏي رڳو غيرقانوني طور ٻاهر ويندڙ پيسن کي وٺجي ته پوءِ ملڪ ۾ کير ۽ ماکي جون نديون وهڻ لڳن پر اسان وٽ ته غريب جي نيڻن مان بک ۽ بدحالي جي ڪري ڳوڙھا به نه پيا وهن، درد، بک، بدحالي ۽ بيروزگاري ماڻهن جي اکين جا سمنڊ سڪائي ڇڏيا آهن، ماڻھو مهانگائي جي ڪري پريشان لڳن ٿا پر خان صاحب چئي ٿو ڪنهن به صورت گهٻرائڻو ناهي.