173

ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز تاريخ جي آئيني ۾…

ليکڪ: مجتبيٰ جوکيو

ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز جو قيام 1954ع ۾ ٿيو، ان وقت جي وزيراعليٰ پيرزادي عبدالستار ان جو افتتاح ڪيو ۽ ابتدائي طور مرڪز جي اڏاوت لاءِ 35 لک رپين جي بجيٽ رکي وئي، ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز جي قيام ۾ جن اهم ڪردار ادا ڪيو انهن ۾ سيد ميران محمد شاھه، سائين جي ايم سيد، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، مخدوم طالب الموليٰ، پيرزادو عبدالستار، الهھ بخش ايم نظاماڻي، آغا تاج محمد، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سيد نثار حسين شاھه، سيد نازڻ سائين، حميد آخوند، عبدالله جي ميمڻ، ممتاز مرزا ۽ ظفر ڪاظمي سميت ٻيا شامل آھن، جن ثقافتي مرڪز قائم ڪرڻ ۽ بهتر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ثقافتي مرڪز جا بنيادي مقصد: سنڌ جي شاندار روايتن جي روشني ۾ ان جي ثقافتي ورثي جي حفاظت ڪرڻ ۽ ان کي ترقي وٺرائڻ، لوڪ ادب، راڳ ۽ سازن کي سڄي دنيا ۾ مقبول ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ، شاھه عبداللطيف ڀٽائي جي نظريي، فلسفي ۽ شاعري جي تشريح ۽ تبليغ ڪرڻ جنهن ۾ انسان ذات لاءِ امن ۽ سلامتي جو پيغام ڏنل آھي، سنڌي سميت مختلف ٻولين جي شاعرن، اديبن، عالمن ۽ محققن جي رهنمائي ۽ ھمٿ افزائي ڪرڻ ته جيئن هو شاھه سائين جي زندگي، شاعري ۽ سندس فلسفي تي تحقيق ڪري مواد گڏ ڪري سگهن، شاھه صاحب جي سورمين جي ڪردار کي دنيا اڳيان آڻڻ ۽ شاھه سائين جي شاعري ۾ مختلف ڪردارن جي اهميت کي اجاڳر ڪرڻ سميت ٻيا ڪم، ثقافت کاتي جو موجوده ڪلچر ريسٽ هائوس 1958ع ۾ ٺھي راس ٿيو، جڏھن ته 1962ع تي ثقافتي مرڪز جي لائبريري ۽ ميوزم جون شاندار عمارتون ٺھي راس ٿيون، جن جو افتتاح ان وقت جي صنعت ۽ قدرتي وسيلن جي وفاقي وزير محترم ذوالفقار علي ڀُٽو ڪيو، 1965ع ۾ فنڪارن لاءِ هاسٽل ٺھي راس ٿي، جنهن جو افتتاح ان وقت جي ڪمشنر ابونصر ڪيو، ان کانسواءِ ڪراڙ ڍنڍ جنهن جي ڪنارن تي ويهي شاھه سائين شاعري ڪندو هو، ان جا ڪنارا پٿر جي پچنگ سان مضبوط ڪيا ويا ۽ پاسن کان لوهي گرلون لڳائي چوطرف وڻڪاري ۽ گل ڪاري ڪئي وئي، جڏھن ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ڀٽ شاھه جي شهر توڙي درگاھه ۽ ثقافتي مرڪز تي وڏو ڌيان هو، هنن جو ويزن هو ته ڀٽ شاھه شهر کي سنڌ جو خوبصورت شھر بڻايو وڃي.  ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز جي ٺھيل عمارتن جو تفصيل: ڪلچر ريسٽ هائوس، هن ريسٽ هائوس ۾ 1958ع ۾ 6 شاندار ڪمرا ٺھيا، هر ڪمري ۾ ڪشادا واش روم ۽ ڊريسنگ روم ٺھيل آھي، جڏھن ته ڪمرن جي اڳيان به شاندار پارڪ ته پٺيان به پارڪ ٺھيل آھي، ميٽنگ هال پڻ شاندار ٺھيل آھي، ان کان پوءِ وري سيڪريٽري ڪلچر حميد آخوند جي ڪوششن سان ساڳي ڊزائن سان وڌيڪ چار ڪمرا، ڊائنگ هال ۽ وزير جي لاءِ سوٽ ٺھرايو ويو، جڏھن ريسٽ هائوس کي وري مرمتي ڪم ۽ بهتر فرنيچر سسئي پليجو ۽ شرميلا فاروقي جي وزارتن دوران ڏنو ويو. آڊيٽوريم: 60 فوٽ ڊگهي 30 فوٽ ويڪري ۽ 4 فوٽ بلند اسٽيج ۽ ان جي آڏو کليل عاليشان آڊيٽوريم ڪراڙ جي ڪپ تي ٺھيل آھي، جتي هر سال شاھه سائين جي ميلي ۾ راڳ جون شاندار محفلون ٿينديون آھن. ميوزيم: ميوزيم جي شاندار بلڊنگ ٺھيل آھي جيڪا مڪمل طور ثقافتي انداز سان ٺھيل آھي، جنهن ۾ شاھه سائين جي سُرن تي ٻڌل ميوزيم آھي، ميوزيم ۾ سسئي، سهڻي، مارئي، مومل، سر سامونڊي، نوري، سر سورٺ، ڪاپائتي سميت ٻين سرن جي ڪردارن جا مجسما رکيل آھن، پراڻي ميوزيم سان گڏ نئون ميوزيم به تيار ڪري ان ۾ به مجسما رکيا ويا آھن. صوبائي وزير سيد سردار علي شاھه جو ان لاءِ ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، ميوزيم جي آڏو واري هال ۾ شاھه عبداللطيف ڀٽائي تي ڪم ڪندڙن جي تصويرن جي گئلري قائم ڪئي وئي آھي، جنهن ۾ ايڇ ٽي سورلي، ميران محمد شاھه، شهيد ذوالفقار ڀٽو ۽ الياس عشقي سميت سڀني جون تصويرون آھن پر انهن تصويرن ۾ سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجي ۽ جيجي درشهوار سيد جون تصويرون به آھن.لائبريري: شاھه عبدالطيف ڀٽائي جي نالي سان قائم ڪيل لائبريري ۾ هر موضوع جا هزارين ڪتاب پيل آھن، جڏھن ته هر روز 30 کان وڌيڪ سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارون اينديون آھن، هر روز ڪيترائي شاگرد ۽ ڪميشن جي تياري ڪندڙ نوجوان پنهنجي علمي اڃ اجهائڻ لاءِ لائبريري ايندا آھن.  فنڪار هاسٽل: فنڪار هاسٽل جيڪا 5 وڏن هالن ۽ 7 ڪمرن تي ٻڌل آھي اها سنڌ جي فنڪارن جي رهائش لاءِ ٺاهي وئي آھي خاص طور تي شاھه سائين جي ميلي دوران فنڪارن کي اتي رهايو ويندو آھي. شاھه جي راڳ جو اسڪول: شاھه جي راڳ جي سکيا جو اسڪول پڻ قائم ٿيل آھي، جتي شاھه جي راڳ جي سکيا ڏني ويندي آھي. ريسرچ سينٽر: هڪ وڏي هال ۾ شاھه سائين تي ريسرچ ڪرڻ وارن لاءِ ريسرچ سينٽر قائم ڪيو ويو آھي، جتي شاھه سائين متعلق سمورا ناياب ڪتاب پيل آھن،  ايڇ ٽي سورلي هال: هن هال جو اڳوڻو نالو ايڪسيلنس هال هو جيڪو صوبائي وزير سيد سردار علي شاھه تبديل ڪري شاھه سائين تي ڪم ڪندڙ ايڇ ٽي سورلي جي نالي سان منسوب ڪيو، هن ۾ هڪ هزار کان مٿي ماڻھن جي ويهڻ جي گنجائش آھي، هن هال ۾ هر سال شاھه عبدالطيف ڀٽائي ادبي ڪانفرنس ٿيندي آھي، ان کانسواءِ ادبي ۽ تعليمي پروگرام پڻ ٿيندا آھن.ثقافتي ڳوٺ: ثقافت، سياحت ۽ نوادرات جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاھه ۽ سيڪريٽري اڪبر لغاري جي ڪوششن ۽ دلچسپي سان هڪ ثقافتي ڳوٺ قائم ڪيو ويو آھي، جنهن ۾ ٻه چونرا، هڪ وڏي ڇپر جي لانڍي، هڪ ننڍي ڇپر جي لانڍي سان گڏ دڪان جن ۾ ثقافتي سامان رکيو ويندو، هڪ هوٽل قائم ڪئي وئي آھي، جڏھن ته هڪ بهترين پارڪ ۽ ننڍي اسٽيج به ٺاهي وئي آھي، جتي راڳ رنگ ڪرائي سگهجي، اهو ثقافتي وليج ٺھي تيار ٿي ويو آھي، جنهن جو جلد افتتاح ڪيو ويندو، هن وليج ٺاهڻ ۾ اڳوڻي ڊي جي منظور ڪناسري، موجوده ڊي جي ڪلچر عبدالعليم لاشاري جو پڻ اهم ڪردار آھي. ڪراڙ ڍنڍ: ان خوبصورت ڍنڍ کي جلد هيرٽيج ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، هن ڍنڍ جي خوبصورتي ۾ وڌيڪ اضافو تڏھن ٿيو جڏھن موجوده صوبائي وزير شاھه عبداللطيف ڀٽائي جو هڪ خيالي مجسمو ٺھرايو ۽ پوءِ ڍنڍ جي مٿان شاندار پل ٺاهي ان پل جي وچ تي اهو مجسمو لڳايو ويو آھي، پل جي ٻنهي پاسن کان شاندار لائيٽنگ ڪئي وئي آھي، پل جي هيٺان رنگين لائيٽون لڳايون ويون آھن، رات جي وقت جڏھن انهن لائيٽن جا ڪرڻا ڪراڙ جي پاڻي تي پون ٿا ته شاندار منظر ڏسڻ ۾ اچن ٿا. موٽل: هي هڪ رهائش لاءِ موٽل ٺھيل آھي جيڪا ڪلچر ڊپارٽمنٽ ٺھرائي هئي پر ڪيترا سال اڳ ان ۾ حيسڪو وارن ۽ ريڊيو پاڪستان وارن پنهنجون آفيسون قائم ڪري ڇڏيون آھن، جنهن جو به صوبائي وزير سيد سردار علي شاھه نوٽيس ورتو آھي ته فوري طور اها بلڊنگ خالي ڪرائي جنهن مقصد لاءِ ٺھي آھي ان مقصد لاءِ استعمال ڪئي وڃي، ان سلسلي ۾ ھڪ هفتو اڳ سيڪريٽري ڪلچر اڪبر لغاري، ايم ڊي ٽوئرازم اعجاز شيخ، ڊائريڪٽر ڪلچر شير محمد مهر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ڀٽ شاھه ڪلچر سينٽر رحمت الله راڄڙ ان بلڊنگ جو دورو ڪري حيسڪو ۽ ريڊيو پاڪستان جي آفيسرن کي لکت ۾ هڪ مهيني اندر موٽل خالي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. شاھ جو باغ: ٻاهران ايندڙ زائرين ۽ شهرين جي تفريح لاءِ عاليشان شاھه جو باغ ٺھيل آھي، جنهن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻار روزانو ايندا آھن ۽ تفريح ڪندا آھن . ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھه ۾ آفيسرن جي رهائش جا ٻه بنگلا ۽ ملازمن جي رهائش لاءِ فليٽ پڻ موجود آھن . ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز پاران ڇپايل ڪتابن جو تفصيل: لطائف لطيفي (فارسي متن) مير عبدالحسين سانگي،  شاھه جو رسالو (برٽش ميوزيم ۾ محفوظ قلمي نسخي تي آڌاريل) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ،  احوال شاھه عبدالطيف ڀٽائي جو (مرزا قليچ بيگ)، شاھه جي رسالي جا سرچشما (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ)، شاھه جي رسالي جي ترتيب (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ) شاھه جو رسالو (سُر ڪلياڻ سان شروع ٿيندڙ ٽن قلمي نسخن سان ڀيٽي تيار ڪيل) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ،  پنج گنج ( قادر بخش بيدل) شاھه جو رسالو ( ڏھن قلمي نسخن تي آڌاريل سُر سسئي سان شروع ٿيندڙ) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شاھه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام (عمر بن دائود پوٽو) ان کان سواءِ شاھه سائين جي سُرن تي ٻڌل لکيل مقالن کي مرتب ڪري ڪيترائي ڪتاب ثقافتي مرڪز ثقافت کاتي جي سهڪار سان ڇپايا آھن، ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھه هر سال شاھه عبدالطيف ڀٽائي جي ميلي ۾ ڪيترن ئي نون فنڪارن کي به متعارف ڪرائيندو رهيو آھي، ان کانسواءِ ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز مختلف وقتن تي ثقافتي پروگرام ۽ شاھه جي سُرن تي ليڪچر پروگرام به ڪرائيندو رهندو آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو