115

بلڙي شاهه ڪريم شهر جا مسئلا ۽ بلدياتي نظام..

ليکڪ: علي حسن رند

عوامي ڀلائي ۽ ان جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ عوام کي بنيادي سھولتون ڏيڻ لاءِ تعلقي بلڙي شاھه ڪريم ۾ ٽوٽل 13 يونين ڪائونسلون قائم ڪيون ويون آهن، ھر يونين ڪائونسل ۾ الڳ الڳ يوسي چيئرمين مقرر ٿيا ھئا، يونين ڪائونسلون ان ڪري قائم ڪيون ويون ھيون جو بھتر نموني سان عوام کي فائدا ملي سگھن ۽ يوسي چيئرمين عوام جي اميدن تي پورو لھي سگھن پر ٿيو ائين ڄڻ عوام يوسي چيئرمينن کي ووٽ ئي نه ڏنا ھجن، عوام کي يوسيون ٺاھڻ جو ڪو به فائدو نه رسي سگھيو، عوام جي ووٽ سان چونڊجي آيل يوسي چيئرمينن عوام کان ائين لاتعلقي ڏيکاري ڇڏي جو عوام کي ھڪ ھينڊ پمپ لاءِ به رلندي ڏٺو ويو، باقي ڪجهه بااثرن جا ترقياتي ڪم ضرور ٿيا، يوسي چيئرمينن پاران ڪرايل ڪجهھ ترقياتي ڪم به ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ سبب ٽٽي، اکڙي تباھه ٿي ويا، ڪٿي به ڪو به ترقياتي ڪم نظر نٿو اچي، غريب مسڪين عوام ساڳين سورن ۾ آهي، 13 يونين ڪائونسلن جا ڪيترائي ڳوٺ روڊن، رستن، پڪين گهٽين، سي سي بلاڪن، بجلي، گئس ۽ ٻين سهولتن کان محروم آهن، ان مان ظاھر آهي ته يوسي چيئرمينن ڪيترو ڪم ڪيو آهي، عوام هاڻ انهن جا نالا به ٻڌڻ نٿو چاهي، ڇو ته غريب عوام 13 يونين ڪائونسلن جي چيئرمينن کي ووٽ ڏئي عزت ڏني پر موٽ ۾ عوام کي عزت نه ڏني وئي، جنهن تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، ھر يوسي ۾ ڪافي بجيٽ ھوندي به عوام جو ڪو به ڪم نه ٿي سگھيو، هن وقت اهي يوسي چيئرمين ته ناھن رھيا پر هاڻ عوام انھن کي وري ووٽ ڏيڻ ۾ به ڪا دلچسپي نٿو رکي، عوام ھتي جي چونڊيل نمائندن کان بيزاري ڏيکاري ڇڏي آهي، انسان جيڪو پوکي ٿو اھو ئي لڻي ٿو، يوسي چئيرمنن اھا پوک پوکي آهي جو لڻڻ لاءِ انھن وٽ ڪجهھ ناھي بچيو، عوام کي سورن کان سواءِ ڪجهھ به ناھن ڏئي سگھيا تعلقي جي يونين ڪائونسلن ۾ يوسي بلڙي شاھ ڪريم، يوسي حاجي محمد جت، يوسي جنھاڻ سومرو، يوسي الھيار ترڪ، يوسي لال محموداڻي، يوسي سعيد خان لنڊ، يوسي ملاڪاتيار، يوسي سعيد پور، يوسي علو ڪاتيار، يوسي کوکر، يوسي ڀليڏنو سٺيو، يوسي قبول پور ۽ يوسي سعيد متو شامل آهن، ھنن 13 يوسين ۾ الڳ الڳ ماھوار لکين رپيا بجيٽ ايندي ھئي، پوري تعلقي ۾ ڪروڙين رپين جي بجيٽ ڪٿي خرچ ٿي ڪا به خبر ناھي، يوسي حاجي محمد جت ۾ ڪٿي ڪٿي ڪم نه ٿيڻ جون شڪايتون آهن ۽ ڪٿي وري ڪجهھ نه ڪجهھ ڪم ٿيل آهن، باقي ٻين سمورين يوسين جي رزلٽ زيرو آهي، ھن تعلقي بلڙي شاھه ڪريم جي بلدياتي اليڪشن کان پھرين جيڪا پوزيشن ھئي اھا اڃا به بھتر ھئي، ھن وقت ان کان به بدتر حالت آهي، عوام ويچارو ھن وقت پريشان آهي ۽ بنيادي سھولتن کان محروم آهي، تعلقي بلڙي شاھه ڪريم جي اھڙي صورتحال جا ذميوار اسان جا چونڊيل نمائندا به آهن، جيڪي عوام جي خدمت ۾ ناڪام ٿي ويا آهن، بلڙي شاھه ڪريم ۾ صحت جون سھولتون ناھن، سرڪاري اسپتال عوام کي ڪو به لاڀ نه ڏئي سگھي آهي، سم نالن ۽ واھن جي کاٽي نه ٿي سگھي آهي، ڪافي اسڪول زبون حالي جا شڪار آهن، پيئڻ جو صاف پاڻي ناھي، سرڪاري آفيسون ناھن، ڪورٽ ناھي، جيل ناھي، روينيو آفيسون ناھن، ڊي ايس پي آفيس ناھي، ايريگيشن جي آفيس ناھي، پبلڪ ھيلٿ وارن جي آفيس ناھي، نيشنل بينڪ ناھي، ھتي جو عوام سرڪاري ڪمن ڪارن لاءِ به ٽنڊو محمد خان وڃي ٿو، آخر ھتي جي عوام جو ڏوھه ڪھڙو آهي؟ جو ايتري وڏي سزا ڏني وئي آهي، ھن کان وڌيڪ سماج جي بي حسي ڪھڙي ھوندي، سنڌ حڪومت ۽ پ  پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي گھرجي ته تعلقي بلڙي شاھه ڪريم جي عوام جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ جو نوٽيس وٺي ۽ يوسي جي چيئرمينن کان سخت پڇاڻو ڪري ۽ غريب عوام جا حق کائڻ وارن کان حساب ڪتاب وٺي ۽ عوام جا کاڌل حق واپس ڏياري، عوام مان بي چيني ختم ڪري جيئن عوام جو پارٽي جي اعليٰ قيادت تي اعتماد برقرار رھي سگهي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو