103

سنڌ پاران هنگامي بنيادن تي گهريل پاڻي جلد ڏنو وڃي..

ايڊيٽوريل

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي صورتحال خطرناڪ ٿي وئي آهي ۽ سنڌ حڪومت هنگامي بنيادن تي ارسا کان پاڻي ڏيڻ جي گهر ڪري ڇڏي آهي، سنڌ جي آبپاشي کاتي سنڌ بيراج بابت واپڊا جا انگ اکر بي بنياد قرار ڏئي ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ بيراج جي سلسلي ۾ واپڊا جي ريٽائرڊ جي ايم سائوٿ نعيم احمد جي اڳواڻي ۾ لاهور مان آيل ٻن سپريٽنڊنٽ انجنيئرن سميت ٽن ميمبرن تي مشتمل وفد آبپاشي کاتي جي وفد سان چيف انجنيئر ڪوٽڙي بيراج جي آفيس ۾ گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ ڪوٽڙي بيراج جي چيف انجنيئر حاجي خان جمالي، چيف انجنيئر شفقت وڌو، سيڊا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پريتم داس شرڪت ڪئي. ان موقعي تي واپدا جي ٽيم طرفان ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي جي ايوريج جا پيش ڪيل انگ اکر سنڌ جي آبپاشي کاتي رد ڪري ڇڏيا. ڪوٽڙي بيراج جي چيف انجنيئر حاجي خان جمالي چيو ته ڪوٽڙي بيراج تي هر 20 سالن بعد پاڻي جي کوٽ جي ايوريج 16 ملين ايڪڙ فوٽ آهي، جنهن مطابق هن وقت پاڻي 13 ملين ايڪڙ فوٽ بچيو آهي، مٿان واپڊا ڀاشا، داسو، گاج ڊيم، ريڻي ڪينال، چشما بيراج وٽان نئون فلڊ ڪينال ٺاهي رهي آهي، ان کانسواءِ ڪڇي ڪينال جو فيز 2 ۽ ڪي فور رهيو پيو آهي، جڏهن هي سمورا منصوبا ٺهي مڪمل ٿي ويندا ته ان جو اثر به ڪوٽڙي بيراج تي پوندو. حاجي خان جمالي وڌيڪ چيو ته سنڌ بيراج جي لاءِ واپڊا چوي ٿو ته اهو سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ ٺاهيو پيو وڃي، جڏهن ته ان ۾ سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ بندن جو ذڪر ئي ناهي ڪيو ويو. جيڪا غلط بياني آهي، سنڌ جي آبپاشي کاتي جو موقف هو ته سنڌ بيراج چوٿون وڏو ڊيم آهي، جنهن جي ٺهڻ سان سنڌ جي 4 لک ايڪڙ آباد زمين خراب ٿي ويندي ۽ ان جا فائدا ڪي به ناهن. واپڊا اڃا تائين اهو به ناهي ٻڌايو ته سنڌ بيراج لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ ڇو ته واٽر اڪارڊ ۾ ته ان جو حصو شامل ئي ناهي. گڏجاڻي ۾ واپڊا جي ٽيم سنڌ جي موقف کي مڃيندي، ڏنل صلاحن کي شامل ڪري نئين فزيبلٽي رپورٽ ٺاهي، خدشا ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.  ٻئي پاسي سنڌ جي آبپاشي کاتي ارسا کان پاڻي معاهدي 1991ع جي شق 14 (ڊي) تحت 15 ڏينهن لاءِ پنهنجي حصي جو هڪ لک 30 هزار ڪيوسڪ پاڻي فوري طور تي ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو جي هدايت تي ارسا کي هڪ خط ذريعي ٻڌايو ويو آهي ته جيڪڏهن ارسا چشما بئراج وٽ پاڻي جي مقرر ڪيل حصي ۾ ڪا به گهٽتائي ڪئي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ بيٺل فصل تباهه ٿي ويندا ۽ معيشت کي نقصان ٿيندو. پاڻي معاهدي 1991ع جي شق 14 (ڊي) مطابق صوبا پنهنجي مقرر ڪيل پاڻي جي حصي کي پنهنجي نظام ۽ وقت موجب استعمال ڪري سگهن ٿا. سنڌ ۾ سکر بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 29.9 ۽ سکر بئراج وٽ 16.9 سيڪڙو تائين پهتي آهي،  هتي صورتحال اها آهي ته فصل سُڪي رهيا آهن ۽ مٿان وري واپڊا نون ڊيمن جي ڳالهه ڪري رهي آهي، صوبي کي گهربل پاڻي ڏيڻ لاءِ نٽايو پيو وڃي ته وري سنڌ ڊيم کي پاڻي ڪٿان ملندو؟ اسان سمجهون ٿا ته سنڌ جي صورتحال خطرناڪ حد تائين خراب آهي، ان ڪري ارسا ۽ وفاق کي هنگامي بنيادن تي سنڌ طرفان گهريل پاڻي ڏيڻ گهرجي جيئن فصل بچائي سگهجن، اسان سنڌ حڪومت پاران سنڌ ڊيم بابت خدشن ۽ فيصلن جي حمايت ڪريون ٿا ۽ وفاق کان اها گهر ٿا ڪريون ته پاڻي جي ورهاست جي حوالي سان ارسا جي ٻه اکيائي ختم ڪرائي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو