ابوجا (ويب ڊيسڪ) نائجيريا جي هٿياربند ماڻهن جي هڪ گروپ اولهه واري رياست نائيجر جي هڪ اسلامي مدرسي مان ٽي مهينا اڳ اغوا ڪيل اٽڪل 100 شاگردن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽ مطابق مدرسي جي سربراهه پنهنجي جاري بيان ۾ ٻڌايو ته هڪ هٿياربند نائجيرين گروپ 30 جون تي 136 شاگردن کي اغوا ڪري ورتو هو جن مان 6 بعد ۾ مارجي جڏهن ته 15 حراست مان فرار ٿي ويا هئا، پر هاڻي ان اٽڪل 100 شاگردن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. هن جو چوڻ هو ته آزادي مليل شاگردن جي اصل تعداد انهن جي سامهون اچڻ تي ٻڌايو ويندو.
