117

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاران پنهنجي گهر واري جي سرجري جو خرچ سرڪاري خزاني مان وٺڻ کان انڪار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي گهر واريءَ سرينا عيسيٰ جي سرجري لاءِ خرچ سرڪاري خزاني مان کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس فائز عيسيٰ جي گهر واري کي ڊاڪٽرن طرفان سرجري جي صلاح ڏني وئي آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي گهر واريءَ سرينا عيسيٰ جي  سرجري لاءِ ايندڙ خرچ سرڪاري خزاني مان وٺڻ کان انڪار ڪندي سرينا عيسيٰ جي علاج لاءِ سمورو سفري ۽ طبي خرچ پنهنجي کيسي مان ادا ڪرڻ جو چيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو