حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ڪراچي حيدرآباد موٽر وي تي روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ٽي ماڻهو اجل جو شڪار ۽ ٽي زخمي ٿي پيا. خبر موجب موٽر وي ايم نائن تي پاور سيمينٽ فيڪٽري لڳ چاڙهي تي ڪڻڪ سان ڀريل ٽرالو ڪلٽي ٿيو ته هڪ ڪار ۽ ٻه ٽرالر پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويا. حادثي جي نتيجي ۾ ڪار سوار حيدرآباد واسي نوجوان ۽ ٽرالر ۾ سوار ڊرائيور ۽ سندس ڀاءَ فوت ٿي ويا. زخمين کي نوري آبادي واري ٽراما سينٽر ۾ ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد لياقت يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد اماڻيو ويو. ايڌي ذريعن موجب ٽرالر سوار فوتي ٻئي ڄڻا ميان والي جا رهواسي هئا جن ۾ ڊرائيور 35 ساله محمد يعقوب ولد سيف الله ۽ سندس ڀاءَ 40 ساله اطلس جا مڙهه ايڌي ايمبولينس ذريعي سهراب ڳوٺ سرد خاني اماڻيا ويا. ڪار ۾ سوار فوتي 30 ورهين جي سعد بابر ولد بابر شاهين جو مڙه لطيف آباد يونٽ 10 اماڻيو ويو.
