ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڇوٿين لهر وڌيڪ 95 حياتيون کسي ورتيون، 4016 نوان ڪيس ظاهر ٿيا. مثبت ڪيسن جي شرع 6.42 سيڪڙو رهي، سنڌ ۾ 00 مريض فوت ٿي ويا، 00 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، هوڏانهن سنڌ ۾ 30 آگسٽ کان سرڪاري، خانگي اسڪول ۽ يونيورسٽيون کولڻ جو نوٽيفڪشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ڄاڻايو ويو آهي ته 50سيڪڙو ٻار هڪ ڏينهن ۽ ٻيا ٻي ڏهاڙي ايندا، استاد ۽ ٻي اسٽاف جي سئو سيڪڙو ويڪسينشن لازمي هوندي، ڪراچي ۾ اسڪول کولڻ جي مشروط اجازت هوندي، 3 ڏينهن هڪ شفٽ ۽ 3 ڏينهن ٻئي شفٽ جا ڪلاس هلندا،والدين جي ويڪسينٽس ڪارڊ جي ڪاپي اسڪول ۾ جمع ٿيندي، تعليم کاتي جي ڪاميٽي صورتحال جو جائزو وٺندي، هوڏنهن لاهور ۾ پهرين سيپٽمبر کان پيٽرول وٺڻ جي لاءِڪورونا ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 37 مريض فوت ٿيا جنهن سان فوتين جو انگ 6803 ٿي ويو آهي ۽ 18817 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 1217 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ٻڌائي. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 37 مريض پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن ۽ فوتين جو تعداد 6803 تائين پهچي ويو آهي جيڪي فوتين جو 1.6 سيڪڙو آهي. مراد علي شاهه چيو ته 18817 ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 1217 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي موجوده تشخيصي شرح جو 6.5 سيڪڙو آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 5488770 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جنهن جي نتيجي ۾ 428116 ڪيسن جي تشخيص ٿي چڪي آهي جن مان 86.8 سيڪڙو يعني 371799 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 1528 مريض پڻ آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 49514 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 48434 گهرن ۾، 34 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 1046 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 928 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ انهن مان 86 ڄڻا وينٽيليٽرز تي آهن. بيان موجب 1217 نون ڪيسن مان 596 ڪراچي جا آهن جن ۾ ڏکڻ 206، اوڀر 135، سينٽرل 96، ڪورنگي 60، ملير 60 ۽ اولهه 44 آهن. حيدرآباد ۾ 146، بدين 42، ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر 34-34، عمرڪوٽ 33، شهيد بينظير آباد 30، مٽياري 27، ٺٽو 24، سکر 22، ٽنڊوالهيار 22، ڄامشورو 19، سجاول 18، گهوٽڪي 17، ڪشمور، دادو ۽ ٽنڊو محمد خان 15-15، نوشهروفيروز ۽ شڪارپور 14-14، جيڪب آباد 9، خيرپور 5 ۽ لاڙڪاڻو 2 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ٻئي طرف سنڌ حڪومت صوبي جون نجي ۽ سرڪاري يونيورسٽيون ۽ بورڊ سومرکان کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. يونيورسٽين ۽ بورڊن واري صوبائي وزير اسماعيل راھو وڌيڪ چيو ته يونيورسٽين ۽ بورڊن جي انتظاميا ايس اوپيز تي سختي سان عمل ڪرائينديون، سومر کان نجي ۽ سرڪاري يونيورسٽيون ۽ بورڊ کوليا ويندا۔ اسماعيل راھو چيو ته ويڪسين نه ڪرائيندڙ شاگردن، شاگردياڻين ۽ اسٽاف کي يونيورسٽين ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ھوندي۔.
