ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وفاقي حڪومت عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ بدران ان کي وڌيڪ ڪنگال ۽ بدحال ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي سرڪار ملڪ جي اندروني ۽ پرڏيهي معاملن ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي، ملڪ جا مسئلا پ پ اقتدار ۾ اچي حل ڪري سگهي ٿي، گذريل ڏهاڙي سنڌ اسمبلي ۾ ٻيلي کاتي جي وزير تيمور ٽالپور سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته عمران خان جي وفاقي حڪومت ڪڻڪ، کنڊ اسڪينڊ، دوائن پيٽرول ۽ کاڌي پيتي جي شين کي مهانگو ڪرڻ ۾ نوان رڪارڊ ٺاهيا آهن، مرتضيٰ وهاب ڪورنگي مهراڻ ۾ باھ جي سانحي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوليس ۽ فائر برگيڊ جو عملو معاملي جي جاچ ڪري رهيو آهي رپورٽ ميڊيا سان شيئر ڪئي ويندي. پوئنرن سان تعزيت ڪريان ٿو الله اسان کي توفيق ڏئي ته فيڪٽرين جي حوالي سان قانون سازي ڪري سگھون. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته تحريڪ انصاف پاڪستان جي عوام سان واعدو ڪيو هو ته مان هڪ ڪورڙ نوڪريون ڏيندس ٽي سال گذري ويا پر اسٽيل مل ۽ ٻين جاين تان ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو. عمران خان 50 لک گھرن جو واعدو ڪيو هو غريب جي سر جو اجھو کسيو ويو بني گالا کي ريگيولرائيز ڪيو ويو پر عام ماڻهون کان گھر کسيو ويو عمران خان چوندو هو مان مري ويندس پر آئي ايم ايف نه ويندس هو آئي ايم ايف ته هليو ويو هاڻ الله کيس صحت ڏئي. خان صاحب جي ايتري وڏي ڪابينا آهي جتي خان صاحب نظر ئي ناهي ايندو ايف بي آر جا ڪيترائي چيئرمين تبديل ٿي چڪا آهن حفيظ شيخ لاءِ چوندا هئا ان معيشت ٺيڪ ڪري ڇڏي آهي خان صاحب چوندو هو مان پارليامان ۾ اچي جواب ڏيندس هو ته سوال جواب ۾ پارليامان ايندو ئي ناهي وزير اعظم چيو هو ايماندار ماڻهو ايندا ته ڪرپشن ختم ٿي ويندي پاڪستان جي غريب عوام کي اربين روپين جو ٽڪو لڳايوويو ڪجھ ماڻهون جو فائدو ڪيو ويو 100 سيڪڙو دوائن جي اگھن ۾ واڌارو ڪيو ويو ڪا به جانچ ٿيندي نظر نٿي اچي. نيب جي به ڪا جانچ نظر نٿي اچي. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ايماندار وزير اعظم هوندو آهي ته ملڪي مسئلن کي فيس ڪندو آهي ٽن سالن ۾ چونڊيل نمائندن جي سوالن جا جواب ته ناهي ڏيندو پر اجلاس ۾ شرڪت تائين ناهي ڪندو. وزير اعظم جو چوڻ هو ته ايماندار ماڻهون ايندا ته ملڪ ترقي ڪندو اڄ ايتري ڪرپشن ٿي رهي آهي جنهن جو مثال ناهي ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ عوام کي ٽيڪو لڳندو آهي دوائن جي اگھن ۾ واڌارو ڪيو ويندو آهي انڪوائري ٿيندي آهي پر ڪارروائي ناهي ٿيندي. پوري دنيا ۾ پيٽرول جو اگھ گھٽ ٿيندو آهي ۽ هتي وڌندو آهي گئس پاڪستان ۾ ناياب ٿي ويو آهي اوهان کي ڪهڙا مسئلا گھڻايون هن حڪومت ملڪ کي تباهي جي ڪناري تي آڻي بيهاريو آهي. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته جن ماڻهن کي ڪراچي جي تباهي جو ذميوار چيو ويو انهن کي نفيس ماڻهون ڊڪليئر ڪيو ويو پهرين 162 ارب روپيا ۽ بعد ۾ 11 سو ارب روپين جو اعلان ڪيو ويو تاڙيون وڃايون ويون سنڌ جي ڪنهن به ضلعي ۾ ڪو منصوبو عملي طور تي نظر نٿو اچي اهي ماڻهون فقط ڳالهين جا منصوبا ٺاهيندا آهن هن چيو ته پي ٽي آئي مردمشماري هجي يا ڪراچي جو ڪو بيو منصوبو هميشه سنڌ حڪومت کي نظڙ انداز ڪيو آهي وزير اعظم ايويئيشن ڊويزن جي وڏي تعريف ڪئي ۽ پي آئي اي جو حشر نشر ڪري ڇڏيو پي ٽي آئي سڀني سان زيادتي ڪئي آهي خان صاحب چوندو هو ته ٽرين حادثو ٿئي ته وزير کي استعفيٰ ڏيڻ گھرجي هاڻ سڀ کان وڌيڪ ريل حادثا انهن جي دور ۾ ٿيا آهن پراڻو پاڪستان مذدور، هاري ۽ باقي سڀني لاءِ سٺو هو اڄ سڀئي پريشان آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جڏهن فيڪٽري واقعو ٿيو ته مان ذوالفقار آباد ٽرمينل تي موجود هئس جيڪو به رليف ڪرڻ جي ضرورت هوندي ضرور ڪنداسين جيڪا به پرڏيهي پاليسي هوندي ان کي ضرور فالو ڪنداسين انهن کي ڪراچي ۾ سيٽل نٿو ڪيو وڃي انهن کي عارضي طور تي رکيو پيو وڃي خرچن جي حوالي سان چيڪ ڪري ٻڌائيندس. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پوري ملڪ جو پبلڪ سروس ڪميشن هلندو آهي پر سنڌ جي پبلڪ سروس ڪميشن کي روڪيو ويندو آهي انهن فيصلن تي سوال اٿارڻ گھرجي ايس ٿري وفاق ۽ صوبي جو گڏيل منصوبو هو جڏهن وفاق اين ايف سي نه ڏيندو ته اربين روپين جا منصوبا صوبو ڪيئن پورا ڪندو ڇا وفاق هڪ قطرو پاڻي جو واڌارو ڪراچي کي ڏنو آهي ڪو هڪ مثال ڏيو ته پي ٽي آئي ڪي پي ٽي يا ڪنٽونمينٽ ۾ ڪو هڪ سينيٽيشن پلانٽ لڳايو آهي وقت اچي ويو آهي ته هي ماڻهون ڳالهين مان ٻاهر اچن ايم ڪيو ايم بگاڙ ايترو پيدا ڪيو آهي جو ان جي ڪنجي به انهن وٽ آهي گذريل هڪ مهيني ۾ ڪي ايم سي متحرڪ انداز ۾ ڪم ڪري رهي آهي سمورن روٽس تي انهن ادارن ئي ڪم ڪيو آهي پوئين سال کارادر جي ماڳ تي تباهي هئي اتان جا سمورا مسئلا حل ڪيا آهن اهي سمورا ڪم سنڌ حڪومت ئي ڪري رهي آهي ڪو به ائين نٿو چئي ته اختيار ناهين، ان موقعي تي صوبائي وزير تيمور ٽالپور چيو ته جيڪي ماڻهو پي ٽي آئي لاءِ دعائون گھرندا هئا اهي هاڻ پٽو ڏئي رهيا آهن جن ئي پٽيوالو به نه رکڻ گھرجي ها انهن کي گھرو وزير بڻايو ويو آهي جن چودرين کي چور چوندا هئا انهن کي حڪومت ۾ شامل ڪيو ويو آهي سنڌ جي سڀ کان وڏي لينڊ گريبر کي سنڌ جو اپوزيشن ليڊر بڻايو ويو آهي جيترا قرض انهن ورتا آهن اهي رڪارڊ تي موجود آهن.
