107

پي ٽي آءِ جي ٽن سالن جي حڪومتي رپورٽ ڪوڙ سان ڀريل آهي: شازيه مري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ ميمبر قومي اسيمبلي شازيه مري چيو آهي ته پي ٽي آءِ  جي  حڪومت جي ڪارگردگي کي سمجهڻ لاء اسان کي 256 صفحن واري رپورٽ جي ڪابه ضرورت ناهي ۽ پي ٽي  آءِ جي ٽن سالن جي حڪومتي رپورٽ ڪوڙ سان ڀريل آهي، ھن عمران حڪومت کي تباھي جا ٽي سال پورو ڪندڙ حڪومت قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ غربت جي شرح تقريبن 40 سيڪڙو تائين وڃي پهتي آهي ۽ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي روزگار ٿي چڪا  آهن ۽ مھانگائي شرح ۾ پڻ 11 سيڪڙو تائين اضافو ٿي چڪو آهي .ھن چيو ته عمران نيازي حڪومت دوران غربت جي شرح ۾ پڻ 40 سيڪڙو واڌ ٿي آهي ۽ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهو غربت ۾ زندگي گذاري رھيا آهن .اھڙين ڳالهين جو اظهار  ھن پنهنجي ھڪ بيان ۾ ڪيو آهي. شازيا مري چيو ته ملڪ ۾ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻھو غذائي خوراڪ کان وانجھايل آھن ۽ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهن جڏهن ته ھڪ رپورٽ موجب ملڪ اندر  2019 ۾ پيدا ٿيندڙ هر 1،000 ٻارن مان 67 ٻار بهتر صحت جون سهولتن جي اڻاٺ سبب فوت ٿي ويا. هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌي آهي ۽ عوام جي آمدني گهٽجي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو