127

رميز راجا ڪرڪيٽ کي سمجهي ٿو، هن کي ڄاڻ آهي: آفريدي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ آل رائونڊر شاهد خان آفريدي چيو آهي ته رميز راجا ڪرڪيٽ کي سمجهي ٿو، هن کي ڄاڻ آهي، پي سي بي ۾ تبديلي ضروري هئي، جيڪا ٿي وئي آهي، مستقبل ۾ رميز راجا جي فيصلن کي ڏٺو ويندو، شاهد آفريدي چيو ته پي سي بي ۾ ميرٽ تي ماڻهن کي اڳيان آندو وڃي، حفيظ ۽ شعيب جي ٽيم کي ضرورت آهي، ٻنهي کي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ گهرجي، ويجهڙائي ۾ نوجوانن کي موقعو ڏنو ويو پر اهي پرفارم نه ڪري سگهيا، هن چيو ته مون کي نه ٿو لڳي ته رميز راجا وڏي عهدي تي رهي ذاتي معاملن کي ترجيح ڏيندو، شاهين آفريدي بابت شاهد آفريدي چيو ته شاهين شاهه کي احتياط سان استعمال ڪرڻو پوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو