لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم چيو آهي ته ڀارتي ايٿليٽ جو مونکان نيزا وٺڻ ڪو وڏو اشو ناهي، هن چيو ته ٽوڪيو اولمپڪس جي مقابلي دوران نيرج چوپڙا مونکان جيولن (نيزا) ورتو هو، ٿي سگهي ٿو مون وارو جيولن سندس فيورٽ هجي، جنهن ڪري هن مونکان گهريو هجي، مقابلي دوران اهو سڀ ڪجهه هلندو رهندو آهي.
