110

ڪراچي ۾ ڪيميڪل فيڪٽري ۾ خوفناڪ باهه، چئن ڀائرن سميت 19 پورهيت سڙي فوت، 15 زخمي

 ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪيميڪل فيڪٽري ۾ خوفناڪ باهه، چئن ڀائرن سميت 19 پورهيت سڙي فوت، 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، وڏي وزير واقعي جو نوٽيس ورتو، لاڳاپيل اختيارين کان رپورٽ طلب، رپورٽ موجب ڪراچي ۾ ڪورنگي جي علائقي مهراڻ ٽائون ۾ واقع ڪيميڪل فيڪٽري ۾  هڪ ڊرم کي لڳل باهه سموري فيڪٽري کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾  باهه لڳڻ ڪري چئن ڀائرن فرحان، عرفان، ساجد ۽ لقمان سميت  19 پورهيت سڙي فوت ٿي ويا، اهڙي تصديق سندس ڀاءُ عمران  ميڊيا سان ڳالهائندي ڪئي، هوڏنهن فوتين جا مڙهه اسپتال آندا ويا، هوڏانهن چيف فائر آفيسر ميڊيا کي تفصيل ڏيندي ٻڌايو ته  فيڪٽري جي اندر ۽ ٻاهر وڃڻ لاءِ هڪ ئي رستو هو، ٻه منزل تي مٿي وڃڻ لاءِ ڇت جي دروازي کي به تالو ڏنل هيو، پورهيت مددجي لاءِ رڙيون ڪري رهيا هيا، پورهيت ڦاسي پوڻ سبب وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيون، فائر برگيڊ جي 14 گاڏين وڏي جدوجهد کانپوءِ باهه تي ڪنٽرول ڪري ورتو، هوڏانهن باهه لڳڻ وقت فيڪٽري ۾ 45 ملازم موجود هئا، 19 لاش ڪڍي اسپتال آندا ويا آهن، امدادي ڪمن جي دوران ٻه فائر فائيٽر زخمي ٿي پيا،  اسپتال انتظاميا موجب  فوتين مان 5 ڄڻن جي سڃاڻپ سلمان، فرمان،علي، حسن ۽ فرحان جي نالي سان ٿي،سندن تعلق هڪ ئي خاندان سان هو، هوڏانهن  ڪورنگي سانحي تي پيپلزپارٽي  چيئرمين بلاول ڀٽو افسوس جو اظهار ڪيو آهي،۔ بلاول ڀٽو اهڙي واقعي تي سنڌ سرڪار کي هدايت ڪئي آهي ته ڪورنگي سانحي ۾ فوت ٿيندڙ پورهيتن جي پوئينرن سان هر سطح تي مدد ڪئي وڃي ۽ زخمين جي علاج لاء تڪڙا قدم کڻي بهتر علاج ڪيو وڃي۔ هوڏانهن مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪورنگي واقعي تي دلي صدمو پهتو آهي شهباز شريف پنهنجي ڪارڪنن کي استقبال ڪرڻ کان به روڪي ورتو،ٻئي طرف ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته  سانحي جي متاثرن جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي، زخمين جي بهتر علاج جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين، جڏهن وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، وڏي وزير پڃاڻو ڪيو آهي ته فيڪٽري ۾ باهه ڪئين لڳي، ايتريون انساني جانيون ضايع ڇو ٿيون، فيڪٽري ۾ احتياط ۽ سيفٽي جي لاءِ ڪهڙا انتظام ڪيا ويا هئا؟  ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب جناح اسپتال ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪورنگي واقعي تي گهڻو افسوس ٿيو آهي۔ ان واقعي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي ان واقعي بابت مڪمل جاچ ٿيڻ کانپوء فيڪٽري مالڪ خلاف ڪاروائي ڪبي۔ سندس جو چوڻ هو ته واقعي ۾ فوت ٿيندڙ پورهيتن جي وارثن سان سنڌ سرڪار جلد امداد ڏيڻ جو اعلان ڪندي ۽ زخمي پورهيتن جي علاج معالجي جو خرچ سنڌ سرڪار برداشت ڪندي۔ مرتضي وهاب جناح اسپتال ايمرجسي وارڊ ۾ زخمين جي عيادت ڪئي ۽ ان جي وارثن سان ملاقات ڪري هر ممڪن مدد ڪرڻ جي يقين دهاني ڪرائي۔،سنڌ سرڪار ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ ڪيميڪل فيڪٽري کي غير قانوني قرار ڏيندي ان کي سيل ڪري ڇڏيو۔ ڪي ڊي اي کاتي توڙي ايس بي سي اي پاران ان فيڪٽري کي غيرقانوني قرار ڏيندي سيل ڪري ڇڏيو

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو