149

حڪومت وفاق کي نقصان پئي پهچائي، سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، پاڻي لاءِ احتجاج تي مجبور نه ڪيو وڃي: پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو

ٺٽو/ ميرپورساڪرو (ويب ڊيسڪ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته  حڪومت وفاق کي نقصان پئي پهچائي، سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي،  اسان کي پنهنجي حصي واري پاڻي لاءِ احتجاج تي مجبور نه ڪيو وڃي. نا اھل ۽ سڀ کان وڌيڪ ناڪام پي ٽي آءِ حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ روڊن تي اچڻ کان سواءِ ٻي ڪا واٽ نه رهي آهي.  اهڙو اظهار هن مڪلي باءِ پاس تي آجيان لاءِ گڌ ٿيل وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي ۽ ملڪاڻي ھائوس مڪلي تي صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڀرپور آجيان تي ٺٽي ضلع جي عوام جو ٿورائتو آھيان. ٺٽي ضلعي جي عوام ھميشه جمهوريت جي بحالي لاءِ ڀُٽي خاندان ۽ پيپلزپارٽي جو ساٿ ڏنو آھي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته موجوده نا اھل ۽ سڀ کان وڌيڪ ناڪام پي ٽي آءِ حڪومت مان ملڪ جو عوام تنگ ٿي چڪو آهي جنهن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ روڊن تي اچڻ کان سواءِ ٻي ڪا واٽ نه رهي آهي. ھن چيو ته ارسا سنڌ جي پاڻي جي حق تي ڌاڙا هڻي رهي آهي سڄي سنڌ جو پاڻي روڪي جتي سنڌ کي سڪايو پيو وڃي اتي سڀ کان وڌيڪ بدترين صورتحال لوئر سنڌ يعني ٺٽي سجاول ۽ بدين جي ٿي رهي آهي، ٺٽي ضلع سميت سنڌ جي پڇڙ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو ڦُڙو به نه آهي. ارسا پنهنجو قبلو درست ڪري ۽ پاڻي ورڇ برابري جي بنياد تي عمل ڪري. پاڻي جي معاملي تي انسانيت جي بنياد کي اڳيان رکي سياست نه ڪرڻ گهرجي ۽ اين ايف سي ايوارڊ ذريعي وسيلن توڙي روزگار تي وفاق جي ڌاڙي توڙي پاڻ جي هٿراڌو کوٽ خلاف پيپلزپارٽي سنڌ جو صدر نثار کھڙو جلد احتجاجي تحريڪ بابت پنهنجي لاعمل جو اعلان ڪندو. هاڻوڪي وفاقي حڪومت وفاق کي نقصان پئي پهچائي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گھر ڏيڻ جا اعلان ڪندڙ حڪومت هڪ پاسي اسٽيل مل مان ھزارين ملازمن کي بيروزگار ڪيو آهي، ته ٻئي طرف غير آئيني طور پارليامينٽ جي قانونسازي ذريعي مقرر ڪيل وفاقي ادارن جي 16 هزار ملازمن کي گهر ڀيڙو ڪري وڏي ناانصافي ڪئي ويئي آهي. 3 سالن جي ڪارڪردگي جا جشن ملهائيندڙ خان صاحب اهو ٻڌائي ته ملڪ جي عوام کي هن عرصي دوران بيروزگار ڪرڻ کانئن رهائش جو حق کسي برباد ڪرڻ کان سواءِ ڪهڙي پاليسي رهي آهي. 3 سالن ۾ عمران خان جي ڪارڪردگي اها آهي ته هن عوام کي تباھي جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي، عمران خان جي ناڪاره اقتصادي، سماجي ۽ عوامي پاليسي مان عوام بيزار ٿي چڪو آهي. موجوده پي ٽي آءِ حڪومت جي ناڪام معاشي عوامي ۽ اقتصادي پاليسين سبب ملڪ جو عوام بدترين صورتحال کي منهن ڏيئي رهيو آهي. ”پي ٽي آءِ ايم ايف“ جي ڊِيل ملڪي عوام کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آھي. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ، پ پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کھڙو، پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراھ، وزير اعلي سنڌ جو خاص معاون صادق علي ميمڻ، چام خان شورو، اڳوڻو ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاھ شيرازي، ايم پي اي سيد رياض شاھ شيرازي، ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري، غلام قادر ملڪاڻي، سينيٽر سسئي پليجو، ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، ريحانه لغاري، امتياز قريشي، سيد محمود عالم شاھ ، ايم پي اي ڄام اويس گهرام، ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي، جھانگير خان پالاري، حاجي عثمان ملڪاڻي، رئيس محمد سليم گندرو ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ پڻ موجود هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو