سکر (ويب ڊيسڪ) سي جي ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنالن مان کڻت جاري، سنڌو درياهه ۾ پاڻي کوٽ خطرناڪ حد تي پهچي وئي، ان سلسلي ۾ پنجاب پاران زبردستي پاڻي کڻڻ سبب سنڌو درياهه ۾ گڊو بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 32.9 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جنهن سبب حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن، هوڏانهن سکر بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 25.2 سيڪڙو ۽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي مجموعي کوٽ 18.6 سيڪڙو ٿي وئي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته سنڌ کي پاڻي جي گهرج 108600 ڪيوسڪ هجڻ باوجود رڳو 88397 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي، جنهن سبب زراعت کي ڪاپاري نقصان جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، آبپاشي ماهرن چيو ته سنڌ کي گهرج کان 20 هزار 302 ڪيوسڪ گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي، هنن چيو ته پنجاب پنهنجي تڪراري ڪئنالن مان زبردستي 15 هزار 315 ڪيوسڪ پاڻي روزاني کڻي رهيو آهي. جيڪڏهن اها صورتحال برقرار رهي ته سنڌ کي نه ڀرجڻ جهڙو نقصان ٿيندو.
