واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ڪابل هوائي اڏي تي پنهنجي فوج تي ٿيل حملن جي پلاند جو اعلان ڪندي داعش جي اڳواڻن کي مارڻ لاءِ حملن جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. آمريڪا جي صدر جو بائڊن ڪابل ايئرپورٽ ڌماڪن جو ذميوار داعش خراسان کي قرار ڏيندي شدت پسند تنظيم جي قيادت تي حملا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جمع ڏينهن وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا بريفنگ ڏيندي آمريڪا جي صدر جو بائڊن چيو ته آمريڪي اهلڪارن تي حملي جي منصوبابندي داعش ۽ ڪابل جي جيلن مان نڪرندڙ ماڻهو ڪري رهيا هئا، حملي جا ذميوار جتي به هوندا انهن کي ڳولهي لهنداسين ۽ انهن کي ان حملي جي قيمت ادا ڪرڻ تي مجبور ڪنداسين.هن چيو ته اسان ڪابل ايئرپورٽ تي حملي جي ذميوارن کي پنهنجي طاقت سان پنهنجي مرضي واري جاءِ تي ڀرپور جواب ڏينداسين.صدر جو بائڊن چيو ته ڪابل ايئرپورٽ تي ڌماڪن جي حوالي سان داعش ۽ طالبان جي ملي ڀڳت جا ڪي به ثبوت نه مليا آهن، هن چيو ته طالبان سٺا ماڻهو نه آهن پر ڪابل ايئرپورٽ تائين رستو کليل رهڻ انهن جي مفاد ۾ آهي.
