104

هاڻ خطي مان ڀارت جو اثر ختم ٿي ويندو، ٽي ٽي پي ڪجهه به ڪيو ته ان لاءِ تيار آهيون: پاڪ فوج

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج چيو آهي ته هاڻ افغانستان سميت پوري  خطي مان ڀارت جو اثر ختم ٿي ويندو، ٽي ٽي پي ڪجهه به ڪيو ته ان لاءِ تيار آهيون،  افغان طالبان تي ڀروسو آهي. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته افغانستان ۾ اڀرندڙ صورتحال، درپيش قومي سلامتي جي مسئلن ۽ ڪنهن قسم جي عدم استحڪام کي منهن ڏئي رهيا آهيون. اسين افغانستان ۾ نئين حڪومت ٺهڻ جو انتظار ڪري رهيا آهيون جنهن کان پوءِ حڪومتي سطح تي رابطا ٿيندا، اميد آهي ته اتي جون حالتون جلد ئي معمول تي اچي وينديون. جنهن کان پوءِ افغانستان سميت پوري  خطي مان ڀارت جو اثر پڻ ختم ٿي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت افغانستان ۾ سيڙپ رڳو  پاڪستان کي نقصان پهچائڻ لاءِ ئي ڪئي، ڀارت افغان قيادت، ان جي فوج ۽ انٽيليجنس جي ذهنن ۾ رڳوپاڪستان جي خلاف زهر ئي ڀريندو رهيو، ٽي ٽي پي به پاڪستان جي خلاف افغانستان جي ڌرتي استعمال ڪندي رهي. پاڪستان جي خلاف افغان ايجنسي پڻ ان لاءِ را“ جي مدد ڪندي رهي.  افغانستان جي اڳوڻي حڪومت  وٽ ٽي ٽي پي جو معاملو اٿاريندا رهياسين، ۽ ان کي اهو پڻ ٻڌائيندا رهياسين ته ٽي ٽي پي جون افغانستان ۾ پناهه گاهون موجود آهن، پر انهن ان تي ڪو ڌيان نه ڏنو. ميجر جنرل بابر افتخار وڌيڪ چيو ته ٽي ٽي پي ڪجهه به ڪندي ته ان لاءِ اسين تيار آهيون، پر هاڻي افغان طالبان پنهنجي ڌرتي پاڪستان جي خلاف استعمال نه ٿيڻ جي اسان کي پڪ ڏياري آهي ۽ اسان کي انهن تي ڀروسو پڻ آهي ته اهي ايئن ئي ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ اشرف غني جي حڪومت خاتمو سڀني جي اميدن جي ابتڙ ئي ٿيو، افغان فوج ان ڪري نه وڙهي سگهي جو ان جي ٽريننگ ڀارت ۾ ٿيل هئي. پاڪستان افغان فوج کي ٽريننگ ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي پر ان لاءِ انهن رڳو 6 فوجي ئي موڪليا.  هن چيو ته افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار جي سڀني کي خبر آهي، آمريڪا ۽ نيٽو فوج جو نڪرڻ اڳ کان طئي ٿيل هو، پاڪستان اڳ ئي افغانستان سرحد جي تحفظ لاءِ قدم کنيا. پاڪستان جي سرحد محفوظ ۽ مستحڪم ٿيڻ جا چڱا اثر پاڙيسري ملڪ تي به پوندا. پاڙسري ملڪ ۾ ٿيل واقعن جي ٽائيم لائين ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته 15 آگسٽ کان اڳ افغان نيشنل آرمي سان واسطو رکندڙ ڪيترائي فوجي ٻه کان وڌيڪ ڀيرا پاڪستان ۾ محفوظ رستي جي ڳولا ۾ داخل ٿيا ڇو جو هو ڊنل هئا ته سندن پوسٽن تي طالبان حملو ڪري سگھن ٿا. ڊي آءِ ايس پي آر موجب کين قبول ڪيو ويو ۽ فوجي اصولن تحفوظ رستو ڏنو ويو. ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج اندازو لڳايو هو ته حالتون ڪهڙي طرف وڃي رهيون آهن ۽ عدم استحڪام جو امڪان آهي جنهن سبب ڪنٽرول کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوجين کي اهم سرحدي گزرگارهن تي منتقل ڪيو ويو هو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته افغانستان مان پرڏيهين کي ڪڍڻ لاءِ ٻِين سڀ کان وڏي جاءِ پاڪستان آهي. هن چيو ته هن وقت تائين 113 اڏامون فوجي ۽ واپاري ٻئي افغانستان کان پاڪستان پهچي چڪي آهي، پاڪ افغان سرحد تي حالتون معمول تي آهن ۽ ڪو به اڻوڻندڙ واقعو نه ٿيو آهي. ٻي پاسي آءِ ايس پي آر جي هڪ بيان موجب  آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان برطانوي انٽيليجنس ايجنسي جي چيف رچرڊ مور ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ افغانستان مان آمريڪا فوجين جي نڪرڻ کان پوءِ جي صورتحال تي غور ڪيو ويو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي ۽ پيشيواراڻي معاملن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ انٽيليجنس دفاعي تعاون، گڏيل علاقائي سلامتي جي صورتحال تي به غور ڪيو ويو. ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جي لاءِ پاڪستان مدد ڪري رهيو آهي. پاڪستان هر اها مدد ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي جيڪا افغانستان ۾ علاقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم آهي. رچرڊ مور علاقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪوشش جي تعريف ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو