ٺٽو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سان گڏ ٺٽي جي دوري دوران باءِ پاس مڪلي پھتو، جتي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن پ پ پ ضلع ٺٽي جي صدر ۽ وزير اعليٰ سنڌ جي خاص معاون صادق علي ميمڻ، ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري، امتياز احمد قريشي، ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي، ايم پي اي ڄام اويس گھرام، ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي، اڳوڻي ضلع ناظم سيد شفقت حسين شاھ شيرازي، عاشق حسين زرداري، عبدالحميد پنھور، ڊاڪٽرعبدالواحد سومري ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن سندس مانائتي آجيان ڪئي.
