117

وزير اعظم پاران اليڪشن ڪميشن ميمبر ن جي نالن لاءِ شهباز شريف کي خط

  اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان  اليڪشن ڪميشن ميمبر ن جي نالن لاءِ اپوزيشن ليڊر ِ شهباز شريف کي خط لکيو آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۾ ميمبرن جون خالي جايون، ڀرڻ جي لاءِ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي خط لکيو  آهي، حڪومت پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ 3-3 نالا تجويز ڪيا آهن، خط جي جواب کانپوءِ مقرريون ڪيو وينديون، وزير اعظم عمران خان پنجاب ميمبرن جي لاءِ احسن محبوب، راجاعامر خان ۽ سيد پرويز  عباس جا نالا تجويز ڪيا آهن، ڪي پي ڪي ميمبرن جي لاءِ جسٽس (ر) اڪرام الله خان، فريد الله خان ۽مزمل حسين جا نالا پڻ غور هيٺ آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو