135

نوري آباد ويجهو ڪار ۽ ٽرالر سميت ٽن گاڏين ۾ ٽڪر، ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا فوت، 4 زخمي

ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) نوري آباد ويجهو ايم نائين موٽر وي تي ڪلٽي ٿيل ٽرالر سان ڪار سوڌو 3 گاڏيون ٽڪرائجي ويون. جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار حيدرآباد واسي نوجوان ۽  ٽرالر ڊرائيور سمت 3 ڄڻا فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ 2 سڳا ڀائر به شامل آهن، نوري آباد ٿاڻي جي حد ۾ پاور سيمينٽ فيڪٽري لڳ ڪراچي کان حيدرآباد ويص ڪڻڪ سان ڀريل ٽرالر ڪلٽي ٿي پيو.ڪلٽي ٿيل ٽرالر ۾ پٺيان کان ايندڙ تيز رفتار ڪلٽس ڪار ٽڪرائجي وئي. جڏهن ته ٽڪرايل ڪار سان پائيپن سان ڀريل 2 ٽرالر به ٽڪرائجي ويا. جنهن جي ڪري ڪار ۽ هڪ ٽرالر دٻجي ويا، ڪار ٽرالرن جي وچ ۾ اچي مڪمل طورتي دٻجي وئي. جڏهن ۾ ڪار ۾ سوار فوتي نوجوان جي لطيف آباد حيدرآباد واسي سعد بابر ولد بابر شاهين طور ٿي آهي. ٽرالر ڊرائيور جي سڃاڻپ عتيق ميانوالي ۽ سندس ڀاءُ عتلس ميانوالي طور ٿي آهي، موٽر وي پوليس پهچي زخمين کي نوري آباد ٽراما سينٽر آندو جتان فوري طبي امداد کان پوءِ وڌيڪ علاج لاءِ سول اسپتال حيدرآباد ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جتي ٻن زخمين جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو