119

وفاقي حڪومت قرضن تي وياج ڏيڻ ۽ دفاعي خرچن تي 4100 ارب رپيا خرچ ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت قرضن تي وياج ڏيڻ ۽ دفاعي خرچن تي 4100  ارب رپيا خرچ ڪري ڇڏيا آهن،  نالي واري وزارت گذريل مالي سال 21-2020جي رپورٽ جاري ڪئي، بجيٽ خسارو 7.1 سيڪڙو ظاهر ڪيو ويو، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته   روينيو لحاظ کان جي ڊي پي 4.5 سيڪڙو رهي، گذريل مالي سال ٽيڪس جي لحاظ کان جي ڊي پي 11.1 سيڪڙو رهي،قرضن جي ادائيگي ۾ گذريل مالي سال 2749 ارب رپيا خرچ ٿيا، دفاعي خرچن جي مد ۾ 1316 ارب رپيا کان وڌيڪ خرچ ٿيو، جڏهن ته پي ايس ڊي پي تحت 441 ارب  ۽ پينشن تي 440 ارب رپيا خرچ ٿيا،  حڪومتي خرچ 505 ارب رپين کان وڌيڪ هئا، سبسڊيز جي لاءِ 425 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا، گذريل مالي سال گرانٽس جي مد ۾ 823 ارب رپيا خرچ ٿيا آهن. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو