121

پاڪستان کي گوانٽناموبي جيل نه بڻايو، گم ٿيل ماڻهن جو معاملو سنجيده آهي،رياست کي ان جي لاءِ سخت قدم کڻڻا پوندا: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ اسلام جي رهواسي عمران خان جي گمشدگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت سندس والده کي مالي امداد ڏيڻ بابت جواب طلب ڪيو، ان موقعي تي قائم مقام چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو معاملو سنجيده آهي، ملڪ کي گوانٽنا موبي نه بڻايو ، ماڻهن  کي بازياب ڪرائڻ جي لاءِ رياست کي سخت قدم کڻڻا پوندا،پنجن  سال کان هڪ شخص گم آهي، رياست ڪجهه نٿي ڪري سگهي، اسان جو ملڪ پيارو آهي ان کي گوانٽناموبي نه بڻايو،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انساني همدردي تحت گم ٿيل شخص جي والده جي امداد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن تي ايڊشنل اٽارني جنرل چيو ته ڪو به اهڙو قانون نه آهي، جنهن تحت گم ٿيل ماڻهن جي گهر ڀاتين جي امداد ڪئي وڃي، جنهن تي قائم مقام چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو تهحڪومت بينظير انڪم سپورٽ  پروگرام کي  احساس پروگرام ڪيو آهي، ان تحت پيرسن عورت جي مدد ڪريو، جنهن کانپوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو