ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌ ڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ انڊس ھاوي تي سب جيل مان آزاد ٿي ڪار ۾ سوار ٿي شڪارپور جي چڪ لڳ ڳوٺ عبدالغفور چاچڙ وڃي رھيا ھيا ته ڪار سوار ھٿياربندن روڪي ڪار جي دريون کولي پويان ويٺل ٻن ڀائرن يوسف چاچڙ ـ عڪي خان چاچڙ جي مٿان ھٿيارن جا منهن کولي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو اطلاع تي حد ٿاڻي ۽ 15 مددگار پوليس فوري واقعي واري ھنڌ پھچي ڪري مقتولن جا لاش کڻائي اسپتال آندا ويا، جتي ضروري قانوني ڪاغذي ڪارروائي ڪري ٻئي لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جنهن بعد وارثن شڪارپور جي علائقي سندس ڳوٺ کڻائي ويا. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته چاچڙ برادري جي پراڻي تڪرار سبب واقعو پيش آيو آهي ڪجھ عرصو اڳ ڪنڌ ڪوٽ گوليمار واسين آپڪا سنڌ جو صدر مراد علي چاچڙ به انھي خوني تڪرار سبب سکر ۾ قتل ٿيو ھو جنهن جي پلاند ۾ ھي واقعو ڪيو ويو آهي پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاء گوليمار ۾ چڙھائي ڪري جوابدارن جا گھر ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا.
