اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ججن، آفيسرن ۽ سول سرونٽس کي پلاٽن جي الاٽمينٽ غير قانوني قرار ڏئي ڇڏي آهي، رپورٽ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو ، اسلام هاءِ ڪورٽ گريڊ 22 جي آفيسرن جي الاٽمينٽ غير قانوني قرار ڏني، جج رمارڪس ڏيندي چيو ته ججن ۽ سول سرونٽس کي پلاٽن جي الاٽمينٽ بابت ڪو قانون ناهي، حڪومت جيڪڏهن انهن کي پلاٽ ڏيڻ چاهي ٿي، پهريان قانون سازي ڪري.
124