131

سنڌ حڪومت ۽ اٽلي پاران ٿيلسيميا تي ڪنٽرول لاءِ گڏيل تحقيق تي اتفاق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت کاتي ٿيليسيميا جو مرض وڌڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته سنڌ سرڪار اٽلي سان گڏجي صحت جي شعبي ۾ تحقيق تي گڏجي ڪم ڪندي، سنڌ جي صحت ۽ آبادي جي ڀلائي واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو اٽلي قونصل خاني جو دورو، اٽلي جي قونصل جنرل ڊينيلو گوئير ڊانيلا سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سنڌ جي صحت کاتي، زيبسٽ يونيورسٽي ۽ اٽلي جي سهڪار سان  صحت بابت تحقيق ۽ ان شعبي ۾ ڪم ڪندڙ عملي جي تربيت ۽ ايڪسچينج پروگرامن جي سلسلي ۾ ڳالھ ٻولھ ٿي. ان موقعي تي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته صوبي ۾ تربيت يافته ويسڪيلور سرجنس جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽرن کي تربيت ڏئي انهن کي مقامي سطح تي مقرر ڪيو وڃي ته جيئن ڏورانهن علائقن ۾ ويسڪيلور سرجنس جي معياري سهولت مهيا ڪري سگھجي. جڏهن ته ويسڪيلور سرجن جو گھڻو انگ شهري علائقن کي ترجيح ڏيندو آهي. صوبائي وزير چيو ته پاڪستان ۾ وڌندڙ ٿيليسيميا جو مرض ڳڻتي جوڳو آهي صحت کاتو ٽيلي هيلٿ جي ذريعي رت جي مرضن بابت آگاهي وڌائي رهيو آهي هن چيو ته ٿيليسيميا جي مرض ۾ استعمال ٿيندڙ دوائون تمام مهانگيون آهن جڏهن ته اٽلي جي دوا ٺاهيندڙ ڪمپني جي سهڪار سان مقامي طور تي دوائون تيار ڪرڻ سان ان جي لاڳت کي گھٽ ڪري سگھجي ٿو. ملاقات ۾ آنڪالوجي، وائرولوجي،، پيڊياٽرڪس ۽ انتهائي نگهداشت جي شعبن ۾ اٽلي ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ ڀائيواري جو جائزو ورتو ويو. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي سلسلي ۾ شروع ڪيل 1000 ڏينهن واري پروجيڪٽ جو به ذڪر ڪيو جيڪو پيدائش کان پهرين، ٻار ۽ ماءُ جي صحت تي مشتمل آهي ۽ ان منصوبي جي تحت پوري سنڌ ۾ ڊسپينسريون قائم ڪيون وينديون ته جيئن صوبي جي ڏورانهن علائقن ۾ صحت جون هڪ جھڙيون سهولتون مهيا ڪري سگھجن. ان ڏس ۾ صحت واري صوبائي وزير اٽلي جي قونصل خاني کان ٽيڪنيڪي مهارت ۽ عملي جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ سهڪار جي درخواست به ڪئي. ملاقات ۾ ان ڳالھ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ته پاڪستان ۾ سنڌو تهذيب هڪ قديم ۽ عالمي ورثو آهي جنهن تي تحقيق جي غرض سان اٽلي ۽ سنڌ حڪومت ڪيترن ئي سالن کان گڏيل طور تي قديم آثارن جي کوٽائي ۽ آرڪيالوجيڪل  سائيٽس تي ڪم ڪري رهيا آهن. ثقافت کاتو سنڌ، زيبسٽ ۽ اٽلي جي قونصل خاني جي سهڪار سان هڪ قديم آثار تي تحقيق لاءِ ريسرچ سينٽر قائم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو جنهن ۾ اٽلي قونصل خاني پاران زيبسٽ يونيورسٽي ۾ سنڌو تهذيب تي ريسرچ جو شعبو قائم ڪرڻ جي حوالي سان پروجيڪٽ جي ڊزائن، نگراني، ٽيڪنيڪي معاونت ۽ مقامي سطح تي عملي جي تربيت جو يقين به ڏياريو ويو.   

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو