107

شهناز انصاري قتل ڪيس اي ٽي سي کان سيشن عدالت ڏانهن منتقل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ  ٻه سال اڳ قتل ڪيل پي پي جي ايم پي اي شهناز انصاري جي ڪيس کي دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت کان سيشن عدالت ڏانهن منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڄاڻايل درخواست جو فيصلو ٻڌائيندي ڏنو. پي پي جي ايم پي اي شهناز انصاري جي قتل ڪيس ۾ صديق کوکر،  وقار کوکر،  سلميٰ کوکر سميت چار جوابدار نامزد ٿيل آهن جن ڪيس کي خاص عدالت کان سيشن عدالت ڏانهن منتقل ڪرڻ بابت درخواست داخل ڪرائي هئي. عدالت ڄاڻايل درخواست کي منظور ڪندي ڪيس کي اي ٽي سي مان سيشن عدالت ڏانهن منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو