138

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس رپورٽ تي بي اعتمادي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ مختلف علائقن مان گم ٿيل شهرين بابت پوليس جي رپورٽ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي پوليس کي گم ٿيل ماڻهن کي تلاش ڪرڻ لاءِ فلاحي ادارن جي پناهگاهن، مزارن ۽ ٻين هنڌن جو جائزو وٺڻ سان گڏ گم ٿيل شهرين جي ٽريول هسٽري، نادرا رڪارڊ ۽ موبائيل فون جي رڪارڊ مان مدد وٺڻ جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڪالهه ٻڌڻي دوران گم ٿيل ماڻهن جا وارث ۽ پوليس آفيسرز پيش ٿيا. ان موقعي تي عدالت گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن بابت پيش ڪيل رپورٽن تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ ماڻهو  7 سالن کا گم آهي پر هن وقت تائين اهو به معلوم ٿيو آهي ته هو پاڻ ڪيڏانهن هليو ويو آهي يا ان کي ڪير کڻي ويو آهي. گم ٿيل ماڻهن جا وارث عدالتن ۾ ڌڪا کائي رهيا آهن. عدالت چيو ته ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ ان جي جاچ بابت گهر ڀاتين کي آگاهه رکڻ پوليس جي ذميواري آهي. عدالت چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن ۾ جيڪا به اڳڀرائي ٿئي ان بابت پوليس ماڻهن کي گهرن ۾ وڃي آگاهه ڪري. ان موقعي تي رينجرز جي پراسيڪيوٽر حبيب احمد گم ٿيل شهري مشتاق بابت رپورٽ پيش ڪندي چيو ته گم ٿيل شهري مشتاق سنگين ڏوهن ۾ ملوث هو جنهن تي گم ٿيل شهري جي پيرسن والده رپورٽ کي غلط قرار ڏيندي چيو ته سڀ ڪوڙ آهي. منهنجو پٽ ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث ناهي جنهن تي عدالت چيو ته هر ماءُ پنهنجي پٽ کي بيگناهه چوندي آهي. عدالت پڇيو ته سنگين ڏوهن ۾ ملوث شخص ڪيڏاهن وڃي سگهي ٿو جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته هو روپوش ٿي سگهي ٿو. رينجرز جي وڪيل حبيب احمد چيو ته ڪيترين ئي اهڙين درخواستن جي نشاندهي ٿي آهي ته گم ڄاڻايل ماڻهو گرفتاري کان بچڻ لاءِ پاڻ ئي گم ٿي ويندو آهي جنهن تي عدالت چيو ته سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر گم ٿيل ماڻهن کي تلاش ڪرڻ ته اسان جي ذميواري آهي. عدالت پوليس ۽ ٻين ادارن کي گم ٿيل شهري کي هٿ ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عدالت چيو ته پوليس کي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ آخري مهلت ڏئي رهيا آهيون، پوليس سمورا وسيلا استعمال ڪري گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائي پيش ڪري. عدالت چيو ته ٿي سگهي ٿو ته اهي گم ٿيل  ماڻهو پناهگاهن ۾ ترسيل هجن ۽ سندن وارثن کي ان جو گمان به نه هجي. عدالت چيو ته پوليس هر ٿاڻي ۾ گم ٿيل ماڻهن جو رڪارڊ ٺاهي سگهي ٿي ۽ ان ڏس ۾ هر ٿاڻي تي رڪارڊ رکيو وڃي ته ڪهڙو ماڻهو ڪڏهن ۽ ڪٿان کان گم ٿيو. اهو تاثر هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي ته ماڻهن کي گم ڪيو ويندو آهي. اهو به ڏسڻو پوندو ته گم ٿيل ماڻهو پاڻ ته ڪيڏانهن نه ويا آهن. عدالت چيو ته ٽريول هسٽري، نادرا رڪارڊ، موبائيل فون گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ جديد ٽيڪنالوجي کان مدد حاصل ڪرڻ توڙي پناهگاهن ۽ مزارن جو به جائزو وٺڻ جو حڪم ڏيندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو