اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ صحافين کي هراسان ڪرڻ خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي، جسٽس اعجازالحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 30 آگسٽ تي ٻڌڻي ڪندي،بينچ ۾ جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس قاضي امين کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي، صحافين درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته اسان مان اڪثر صحافين يوٽيوب ۽ ٻئي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي پنهنجا نيوز شوز شروع ڪيا آهن،اسانکي هراسان، کنڀڻ، تشدد ۽ جان کان مارڻ جو ڌمڪيون ملي رهيون آهن.
