128

سنڌ حڪومت پاران 531 آفيسرن کي 19 هين گريڊ ۾ ترقي جي منظوري

 ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت مختلف کاتن جي 531 آفيسرن کي گريڊ 18 مان گريڊ 19 ۾ ترقي جي منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ حڪومت سرڪاري جي بورڊ ٽو (11) جو گذريل ڏهاڙي اجلاس چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ايس اينڊ جي ڊي، ناڻي کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ آفيسرن کي رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ مختلف کاتن جي 531 آفيسرن کي گريڊ 18 مان گريڊ 19 ۾ ترقي جي منظوري ڏني وئي، ذريعن موجب ترقي ماڻيندڙن آفيسرن ۾ ايڪس پي سي ايس جا 8 آفيسر شامل آهن، جن ۾ غلام قادر خان ٽالپر، جاويد احمد سومرو، انيس احمد دستي، سيد محمد علي شاهه، ذوالفقار علي خشڪ، مشتاق احمد شيخ، عبدالواجد شيخ ۽ جنيد احمد سمو شامل آهن، ان کان علاوه ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ چيف ڊائريڪٽر فزيڪل مرد 23 ۽ عورتون 9، اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾ سينئر هيڊ ماستر 38 مرد ۽ 23 عورتون، ايسوسيئيٽ پروفيسر /  پرنسپل مرد 207 ۽ عورتون 110، ايجوڪيشن ورڪس ۾ ايس اِي هڪ، پائيٽ ۾ ڪنسلٽنٽ هڪ ربڏنو شاهاڻي، صحت ڊپٽي چيف سائيڪالاجسٽ، سينيئر وومين ميڊيڪل آفيسر 49، ايڊيشنل ڊائريڪٽر هڪ، سينيئر ڊينٽل سرجن 29، توانائي کاتي ۾ ڊائريڪٽر هڪ، زراعت کاتي جي ڪراپ رپورٽنگ ونگ ۾ ڊائريڪٽر هڪ، فشريز کاتي ۾ ڊائريڪٽر 14، ورڪس اينڊ سروسز ۾ ايس اِي 2، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ آر ڊي ڊي ۾ ڊائريڪٽر / ايس اِي 2، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسينشن کاتي ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر 7، پورهئي واري کاتي ۾ جوائنٽ ڊائريڪٽر هڪ، قانون کاتي ۾ ڊسٽرڪٽ اٽارني هڪ، ثقافت کاتي ۾ هڪ ذوالفقار علي پنهور، مائينز ۽ منرل کاتي جي هڪ آفيسر کي ڊپٽي چيف انسپيڪٽر، پي ايس ايس جي هڪ آفيسر کي گريد 18 مان گريڊ 19 ۾ ترقي ڏني وئي آهي، جڏهن ته پي ايس ايس جي ٻن آفيسرن کي گريڊ 17 مان گريڊ 18 ۾ ترقي ڏني وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو