ليکڪ: ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ
ان ڳالهه ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته اڄ هر ايندڙ ڏينهن يا رات جي اونداهي ۾ حوا ڄائين سان طرح طرح جا واقعا پيش اچن ٿا، انهن مان ڪهڙن واقعن جو ذڪر ڪجي؟ سڄي ملڪ مان روزانو جي بنياد تي ڪيئي نياڻيون وحشي بگهڙن جو شڪار ٿين ٿيون، آئون ملڪ جي چئني صوبن اندر اهڙن شرمناڪ عملن جو تعداد ته نٿو ٻڌائي سگهان، باقي سنڌ ۾ ڪشمور کان ڪراچي تائين جيڪي واقعا رپورٽ ٿين ٿا، سي به سون جي تعداد ۾ آهن، ڪجهه وقت پهريان هڪ اين جي او پاران نياڻين سان زيادتين جي واقعن جي سروي ڪري ان جا انگ اکر ته ٻڌايا ويا هئا پر منهنجي خيال موجب اهي تفصيل ته اهي ڪيس هئا جيڪي مختلف حدن اندر ٿاڻن تي رپورٽ ٿيا هئا، باقي جيڪي اڻ رپورٽيڊ ڪيس آهن، انهن بابت ته اڄ سوڌو ڪنهن سار سنڀار ئي ڪونه لڌي آهي، منهنجي ماضي جي صحافتي تجربي مطابق آئون نٿو سمجهان ته سڄي سنڌ جو ڪو شهر يا ٻهراڙي سميت ڪو اهڙو ٿاڻو هجي جتي هر روز نياڻين ڪي شرمناڪ زيادتين، ناجائزين ۽ قتل جا واقعا نه ٿيندا هجن، اصل ۾ انهن واقعن کي لڪائڻ ۽ دٻائڻ ۾ جيترو مک ڪردار مٽ ۽ مائٽ جو ٿئي ٿو، ايترو ئي حد جي پوليس به ڀاڱي ڀائيوار هوندي آهي، پاڻ ٿورڙو ماضي طرف جيڪڏهن هلنداسون ته لاتعداد اهڙا ڏکائيندڙ منظر سامهون اچي ويندا، جيڪي ڪافي عرصي کانپوءِ پڌرا ڪيا ويا، مون مختلف وقتن تي سنڌ جي عورتن توڙي معصوم ٻارڙين سان ٿيندڙ زيادتين جي اشوز تي لکيو آهي، ته آخر هي سماج ڪڏهن سڌري پنهنجي حقيقي راهه تي هلندو، اسين سنڌ جا قلمڪار هجون، سنڌ جا اديب، شاعر، دانشور توڙي جو هر باشعور مرد هجي يا عورت، هر پيش ايندڙ واقعي کانپوءِ ان کي ڀرپور طريقي سان ننديون ٿا، گڏوگڏ اخلاقي ۽ فرضي هدايتون به جاري ڪريون ٿا پر اهو عيني بليدي جو واقعو هجي يا تازو ٺٽي ضلعي اندر اهو واقعو هجي، جنهن ته سر ئي وڍائي ڇڏيا، جتي هڪ وحشي پاران 14 سالن جي نياڻي جو لاش قبر مان ڪڍي ان جي بيحرمتي ڪئي، آئون ٺٽي پوليس کي خراج پيش ٿو ڪريان جنهن پنهنجو فرض نڀائيندي ان درندي کي پنهنجي انجام تائين پهچائڻ ۾ دير نه ڪئي، گڏوگڏ ان درندي جا مائٽ به خراج جي لائق آهن، جن اهڙي وحشي جو لاش وٺڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو، حقيقت ۾ مون کي هن ڀيري هڪ ٻي اشو تي لکڻو هو پر اڄڪلهه روز پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا اندر نياڻين جي اغوائن جون خبرون زينت بڻيل آهن، مون کي ياد ٿو اچي ته اڄ کان 20 سال پهريان منهنجي هڪ ويجهي دوست جيڪو يقينن ڏاهپ ۽ عقلمندي سان سرشار آهي، اڄ هر ماءُ ۽ پيءُ پريشان حال آهي. هي اغوا جا واقعا، جن ۾ نه رڳو ڇوڪريون پر ڇوڪرا به والدين جي عزتن سان کيڏي رهيا آهن. روزانو پاڻ کي اڻ ڳڻيا واقعا پڙهڻ ۽ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. قانون ۾ اولاد جو حقيقي وارث ته پيءُ هوندو آهي پر اصل ۾ انهي اولاد جي پرورش ماءُ ٿي ڪري. جنهن ڪري اڪثر ٻار پيءُ بدران ماءُ ڏانهن گهڻو رُخ ڪندا آهن ۽ عدالت پاران به قانون موجب فيصلي ڏيڻ کانپوءِ پيار پرڻن بدران اصل تڪليف اولاد کي ٿئي ٿي. پاڻ جيڪڏهن اغوا جي واقعن کي گهرائي سان ڏسون ته جيڪي واقعا روزانو اخبارن ۾ ڇپجن ٿا، ڪڏهن گهوٽڪي جي حضوران جو اغوا وارو واقعو ڇپجي پيو ته وري ڪڏهن ڪشمور جي افروزه ۽ نوشي سومرو کي اغوا ڪرڻ جون خبرون پيون اچن، ساڳي وقت لاڙڪاڻي واسڻ ارم شيخ به پنهنجي پريمي سان گڏ تحفظ لاءِ وومين ٿاڻي تي پهچي دانهين ٿي، انهن نارين جا والدين ته مجبور آهن جو اهڙن واقعن کانپوءِ ٿاڻي تي وڃي اغوا جون ايف آرون به ڪٽرائين ٿا ۽ ڪٿي ڪٿي گرفتاريون به عمل ۾ اچن ٿيون ۽ سالن تائين اهڙا ڪيس عدالتن اندر به هلندا رهن ٿا.