ليکڪ: خدائي نور ناصر
افغانستان ۾ طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد اعلان ڪيو آهي ته افغانستان ۾ جاري جنگ ختم ٿي وئي آهي پر ٻئي طرف نامعلوم هنڌ تان جاري ڪيل هڪ پيغام ۾ افغانستان جي نائب صدر امر الله صالح چيو آهي ته افغانستان مان اشرف غني جي وڃڻ کانپوءِ هاڻ هو نگران افغان صدر آهي ۽ اهو ته جنگ اڃا ختم ناهي ٿي، ڪابل ۾ ملڪ جو ڪنٽرول سنڀالڻ کانپوءِ افغان طالبان جي ترجمان پنهنجي پهرين آن اسڪرين پريس ڪانفرنس ۾ عام معافي، عورتن جي حقن ۽ نئين حڪومت سازي بابت ڳالهايو هو پر ان پريس ڪانفرنس جي ڪجهه دير کانپوءِ افغان صدر اشرف غني جي نائب امر الله صالح اعلان ڪيو ته افغانستان جي آئين مطابق صدر جي غير موجودگي، استعيفيٰ يا موت جي صورت ۾ نائب صدر ملڪ جو نگران صدر بڻجي وڃي ٿو، ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ امرالله صالح چيو آهي ته آئون هن وقت ملڪ جي اندر موجود آهيان ۽ قانوني طور نگران صدر آهيان، سمورن اڳواڻن سان رابطي ۾ آهيان ته جيئن انهن جي حمايت ۽ اتفاق راءِ حاصل ڪري سگهان، جتي هڪ طرف اشرف غني افغانستان ڇڏي چڪو آهي، اتي امر الله صالح انهن افغان اڳواڻن مان آهي جيڪي بظاهر طالبان ڪنٽرول خلاف مزاحمتي تحريڪ هلائڻ تي راضي نظر اچن ٿا ۽ هٿياربند طالبان ويڙهاڪن جي ملڪ تي قبضي کي غيرقانوني قرار ڏين ٿا پر هن وقت صورتحال اها آهي ته طالبان ملڪ جي سمورن اهم سرحدي رستن جو ڪنٽرول سنڀالي چڪا آهن ۽ ڪجهه چونڊيل علائقا اهڙا آهن، جتي اڃا تائين انهن قبضي جي دعويٰ ناهي ڪئي، ان کان هڪ ڏينهن اڳ فرانسي رسالي لاءِ لکيل هڪ مضمون ۾ ”شير پنجشير“ جي نالي سان مشهور افغان اڳواڻ احمد شاهه مسعود جي پٽ احمد مسعود پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلندي طالبان خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آهي.احمد مسعود انسٽاگرام تي پوسٽ ٿيل هڪ وڊيو ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته هو افغانستان کان ٻاهر ناهي ويو ۽ پنجشير ۾ پنهنجي ماڻهن سان گڏ آهي، ڪابل کان تقريبن ٽن ڪلاڪن جي سفر تي پنجشير صوبو طالبان خلاف مزاحمت لاءِ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، 1996ع کان 2001ع تائين طالبان دور ۾ به اهو صوبو انهن جي ڪنٽرول ۾ نه رهيو هو، اتي طالبان اتحاد طالبان جو مقابلو ڪيو هو، پنجشير ۾ موجود ذريعن ٻڌايو آهي ته امر الله صالح ۽ احمد مسعود اڳوڻي اتر اتحاد جي اهم ڪمانڊرن ۽ ساٿين سان ٻيهر رابطا ڪيا آهن ۽ سڀني کي جدوجهد تي راضي پڻ ڪري ورتو آهي، افغان جي گادي واري هنڌ ڪابل جي صدارتي محل ارگ ۾ آچر ڏينهن ٿيل واقعن تي صدر اشرف غني جي هڪ ويجهي ساٿي روشني وڌي آهي، هن ٻڌايو ته گذريل جمعي تي جڏهن طالبان ڪابل تي قبضو ڪرڻ اچي رهيا هئا ته ڪجهه حلقن طرفان صدر اشرف غني مٿان دٻاءَ وڌو ويو هو ته استعيفيٰ ڏئي پر هن نه مڃيو، هن دعويٰ ڪئي ته ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات تائين ميٽنگن ۾ صدر اشرف غني جي ڪيترن ئي ويجهن ساٿين کيس استعيفيٰ ڏيڻ ۽ ملڪ مان نڪري وڃڻ جو مشورو ڏنو هو پر امر الله صالح واحد شخص هو جنهن آخري وقت تائين اشرف غني کي چيو هو ته نه استعيفيٰ ڏيو ۽ نه ملڪ ڇڏيو، ان مطابق امر الله صالح ان موقعي تي وري وري چوندو رهيو ته اسان طالبان جو مقابلو ڪنداسين. ارگ جي انهن گڏجاڻين بابت هڪ ٻئي ذريعي به ان ڳالهه جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته امر الله صالح صدر اشرف غني جي استعيفيٰ ڏيڻ جو سخت مخالف هو. انهن ٻڌايو ته طالبان جي ڪابل اچڻ ۽ صدر غني جي ملڪ ڇڏي وڃڻ کانپوءِ امر الله پنجشير طرف روانو ٿي ويو ۽ اڃا به اتي موجود آهي.اهو به خيال ڪيو پيو وڃي ته افغانستان جو دفاع وارو وزير بسم الله محمدي به امر الله صالح سان گڏ آهي، امر الله صالح طرفان هڪ آڊيو پيغام به منظرعام تي آيو آهي، جنهن ۾ هن اڳتي جي حڪمت عملي تي ڳالهايو آهي، آمريڪا ۾ رهندڙ افغان تجزيي نگار هاشم وحدت يار مطابق امر الله صالح جي پيغام ۾ 2 اهم ڳالهيون آهن، انهن مان هڪ ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن طالبان جمهوري حڪومت جي ڳالهه ڪن ٿا ته شايد ڪنهن حد تائين صالح مڃي وڃي، پر جيڪڏهن طالبان پنهنجي طرز جي حڪومت ”امارت“ ٺاهڻ جو اعلان ڪن ٿا ته شايد امرالله انهن سان وڙهندو. پر في الحال اهو واضح نه آهي ته امر الله کي ملڪ ۾ ڪيتري حمايت حاصل هوندي.جيتوڻيڪ اڃا تائين طالبان طرفان افغانستان ۾ سندن نئين حڪومتي نظام بابت گهڻو ڪجهه ناهي ٻڌايو ويو پر ذبيح الله مجاهد پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته سندن حڪومت ۾ هر مڪتبه فڪر جو افغان شهري شامل هوندو ۽ انهن جي حڪومت افغانستان جي سمورين پارٽين جي نمائندا هوندي، تجزيي ڪار هاشم وحدت يار جو چوڻ آهي ته هاڻ ان کانپوءِ جي تمام صورتحال جي ذميواري طالبان تي لاڳو هوندي، ڇو ته انهن جي چوڻ مطابق طالبان هن وقت اقتدار ۾ آهن، وحدت يار وڌيڪ چيو ته ڪجهه اطلاعن مطابق طالبان ان ڳالهه تي به غور ڪري رهيا آهن ته ڪا ڳالهين واري ٽيم امر الله صالح ۽ احمد مسعود وٽ موڪلي وڃي ۽ کين حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي وڃي. جيڪڏهن ائين ٿئي به ٿو ته گذريل 20 سالن ۾ افغانستان ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا ٿيا آهن، جيڪي طالبان ۽ سندن مخالفن کي گڏ رکڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي سگهن ٿا، وحدت يار انهن واقعن طرف اشارو ڪندي چوي ٿو ته اتر اتحاد ۽ اڪثر ماڻهو احمد شاهه مسعود کي ”قهرمان ملي“ جو لقب ڏين ٿا، ته ڇا اهو لقب طالبان لاءِ قابل قبول هوندو؟ ياد رهي ته احمد شاهه مسعود کي 11 سيپٽمبر کان 2 ڏينهن اڳ القاعده جي 2 آپگهاتي بمبارن قتل ڪيو هو اڃا تائين هر سال اتر اتحاد ۽ احمد شاهه مسعود جا مڃيندڙ ان جي ورسي تي سڄي ڪابل شهر کي بند ڪندا آهن، وحدت يار ذبيح الله مجاهد جي پريس ڪانفرنس جو حوالو ڏيندي چوي ٿو ته جيڪڏهن طالبان پنهنجي واعدن تي عمل ڪيو ته انهن لاءِ چئلينجز گهٽ ٿي سگهن ٿا، پر هن مطابق جيڪڏهن طالبان اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ پنهنجي پراڻي دور وانگر سخت فيصلا ڪيا ته سندن حڪومت جي تڪليفن ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي.