98

طالبان جو قبضو، سعودي عرب ڇو خاموش آهي؟

ليکڪ:اعظم خان

جڏهن 1996ع ۾ طالبان افغانستان ۾ اقتدار سنڀاليو هو ته سعودي عرب گڏيل عرب امارات ۽ پاڪستان اهي 3 ملڪ هئا جن سڀني کان اڳ طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪيو هو، افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل تي طالبان جي قبضي کان ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان ان واقعي جو ذڪر ڪندي چيو ته افغانستان ۾ ماڻهن غلاميءَ جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏيون آهن، ٻئي طرف گڏيل عرب امارات افغانستان جي اڳوڻي صدر اشرف غني کي سياسي پناهه ڏني آهي، گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ چيو هو ته انهن صدر غني ۽ سندس ڪٽنب کي انساني بنيادن تي پنهنجي ملڪ ۾ ڀليڪار ڪيو آهي پر گڏيل عرب امارات هن وقت تائين افغانستان ۾ طالبان جي قبضي جي حوالي سان ڪو به جاري ناهي ڪيو، سعودي عرب حڪومت ان پوري معاملي تي صرف ان حد تائين آگاهه ڪيو آهي ته افغانستان مان ان جا سمورا سفارتڪار حفاظت سان رياض واپس اچي ويا آهن، سعودي عرب جي سرڪاري خابرو ايجنسي مطابق پرڏيهي وزارت (سفارتڪارن کي واپس گهرائڻ) جو فيصلو افغانستان جي غير مستحڪم صورتحال ڏسي ڪيو آهي پر ان کانسواءِ سعودي عرب سڄي معاملي تي خاموشي اختيار ڪري رکي آهي، ڪابل تي طالبان جي قبضي جي هڪ هفتي کانپوءِ گذريل سومر تي پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ان حوالي سان سرڪاري سطح تي ڏنل تفصيلن مطابق ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ افغانستان جو معاملو به بحث هيٺ آيو پر اهو ناهي ٻڌايو ويو ته طالبان جي حوالي سان ڪهڙي ڳالهه ٻولهه ٿي، اهڙي صورتحال ۾ سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته سعودي عرب جيڪو 1996ع ۾ طالبان سان گڏ هو، اڄ ايترو خاموش ڇو آهي؟ اڄ جو سعودي عرب بدلجي چڪو آهي: ڪابل ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير سيد ابرار حسين ان حوالي سان ٻڌايو ته افغانستان ۾ صورتحال ايتري جلد تبديل ٿي آهي جو سعودي عرب سميت وچ اوڀر جا سمورا ملڪ اڃا ”انتظار ڪيو ۽ ڏسو“ جي پاليسي تي هلندي نظر اچي رهيا آهن، هن مطابق جيئن ته پاڪستان پاڙيسري ملڪ آهي، ان ڪري ڪنهن حد تائين ان جو ڪردار نمايان نظر اچي رهيو آهي.  هن ٻڌايو ته ماضي ۾ سعودي عرب جون طالبان سان القاعده جي اڳواڻ اسامه بن لادن جي حوالگي بابت بي نتيجا ڳالهيون تلخين جو سبب بڻيون هيون، پر هن مطابق هاڻ طالبان جي نظرياتي رخ ۾ به تبديليون ڏسڻ ۾ آيون آهن، پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري شمشاد احمد خان ٻڌايو ته هاڻ سعودي عرب تبديل ٿي چڪو آهي ۽ ان جي سوچ ۾ به مڪمل تبديلي ظاهر ٿي چڪي آهي پر هن مطابق اها ڳالهه به تسليم ڪرڻي پوندي، هاڻ 20، 25 سال اڳ وارا طالبان به ناهن رهيا، جن تي سعودي عرب جا گهرا اثر هئا. پنهنجي ڳالهه جي وضاحت ڪندي شمشاد احمد خان چيو ته هاڻ سعودي عرب ۽ طالبان وچ ۾ اها گرم جوشي ناهي رهي جيڪا طالبان جي پهرئين حڪومتي دور ۾ نظر ايندي هئي. هن مطابق ظاهري طور تي هاڻ ائين لڳي ٿو ته طالبان لاءِ قطر، گڏيل عرب امارتون ۽ ترڪي وڌيڪ اهميت اختيار ڪري چڪا آهن، سندس خيال ۾ جنهن شهر کي طالبان پنهنجو سٽي هيڊڪوارٽر بڻائي رکيو (يعني دوحا) سعودي عرب کي ته ان جي نالي سان به نفرت آهي، سعودي عرب ۾ ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين صحافت ڪندڙ تجزيي نگار راشد حسين بي بي سي کي ٻڌايو ته گذريل عرصي ۾ سعودي عرب ۾ وڏي زبردست تبديلي اچي چڪي آهي پر اها صرف قيادت جي تبديلي نه پر مڪمل سوچ جي تبديلي آهي. راشد حسين مطابق جنهن وقت طالبان جي پهرين حڪومت هئي، ان وقت سعودي عرب پين اسلام ازم جي راهه تي هلي رهيو هو ۽ هن پنهنجي انتهاپسند عنصرن کي افغانستان طرف راغب ڪيو هو، جڏهن ته اڄ سعودي عرب ۾ محمد بن سلمان آهي جيڪو پاڻ کي عمليت پسند ليڊر جي طور تي پيش ڪري ٿو. جيتوڻيڪ ان جي ان تاثر کي سعودي صحافي جمال خاشقجي جي قتل کانپوءِ گهڻو ڌچڪو لڳو آهي. ڪابل ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير ابرار حسين جي خيال ۾ سعودي عرب ” تيل ڏسو ۽ تيل جي ڌار ڏسو“ جي پاليسي تي هلي رهيو آهي، سندس مطابق ظاهري طور تي پورو گلف ئي مغرب جي طرف ڏسي رهيو آهي، جڏهن ته هن ڀيري چين، روس ۽ ايران طالبان جي نئين حڪومت کي تسليم ڪرڻ تي راضي نظر اچي رهيا آهن.هن مطابق ڪجهه عرصو اڳ پاڪستان ۽ افغانستان جي عالمن جي نمايان وفد افغانستان ۾ اتفاق راءِ جي حوالي سان سعودي عرب ضرور ويا هئا پر ان کانسواءِ سعودي عرب جو ڪو ڪردار نظر نه اچي رهيو آهي. ڇا سعودي عرب هڪ نئين رستي تي هلي رهيو آهي؟ ان سوال جي جواب ۾ ته سعودي عرب ڪيئن مڪمل طور تي هڪ نئين رستي تي آهي، ابرار حسين جو جواب هو ته اڄ سعودي عرب جهادي عنصرن کان پري رهڻ واري پاليسي تي هلي پيو ۽ ان لاءِ اسرائيل اهميت وارو ملڪ بڻجي چڪو آهي، هن وقت ايران جي خلاف اسرائيل ۽ سعودي عرب اڳتي اڳتي نظر اچن پيا، هن جي خيال ۾ آمريڪا ۾ جوبائيڊن جي اچڻ کانپوءِ سعودي عرب جي ايران لاءِ لهجي ۾ ڪنهن حد تائين تلخي گهٽ ٿي آهي پر بظاهر سعودي عرب جي ڌيان جو مرڪز هاڻ اسرائيل بڻجي چڪو آهي. هن مطابق ماضي ۾ سعودي عرب کي ايران خلاف پاڪستان مان اميدون هيون پر اهي پوريون نه ٿي سگهيون، جنهن بنياد تي سعودي عرب نوان اتحادي ڳولي ورتا آهن، جنهن کي محمد بن سلمان جي عمليت پسند پاليسي چيو وڃي ٿو، صحافي راشد حسين مطابق هن وقت سعودي عرب ۾ طالبان کي تسليم ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت ڪو به بحث نه پيو هلي ۽ ان جو هڪ وڏو سبب اهو آهي ته هاڻ طالبان ۽ ٻين افغان ڌڙن جو مرڪز طائف نه پر دوحا آهي. شمشاد احمد خان ۽ راشد حسين ان ڳالهه تي متفق آهن ته سعودي عرب اسلامي دنيا ۾ ڪنهن حد تائين پنهنجي اهميت برقرار رکڻ ضرور چاهي ٿو پر هن وقت هو افغانستان ۾ طالبان گيم جو مرڪزي حصو نه آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو