ليکڪ: الطاف ابڙو
توهان جيڪڏهن سياح آهيو ۽ سير ۽ سفر جا شوقين آهيو، يا سير سفر کان سواءِ ڪنهن به ڪاروباري يا ذاتي ڪم ڪار لاءِ تمام گھڻا هوائي سفر ڪندا رهندا آهيو ته توهان ڪيترا ئي اهڙا ايئرپورٽ ڏٺا هوندا جيڪي ڪافي خوبصورت آهن ۽ انهن جي خوبصورتي اڪثر توهان کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي هوندي پر اڄ اسان توهان کي دنيا جي ڪجھھ اهڙن ايئرپورٽن جي باري ۾ ٻڌائي رهيا آهيون جيڪي تمام گھڻا خطرناڪ آهن. ايترا ته خطرناڪ جو انهن هوائي اڏن تي جهازن جي لينڊ ڪرڻ وقت يا ٽيڪ آف ڪندي وڏا وڏا ماهر پائليٽ به سو سو ڀيرا سوچيندا آهن، جڏهن ته ڪو نئون پائليٽ ته انهن هوائي اڏن تي جهاز لاهڻ يا چاڙھڻ جو تصور به نٿو ڪري سگھي، نه رڳو ايترو پر تجربيڪار پائليٽن لاءِ به انهن اڏن تان اڏامون ڪرڻ يا اتي جهازن جو لاهڻ تمام گھڻو خطرناڪ سمجھيو ويندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو انهن هوائي اڏن کي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ هوائي اڏن ۾ڳڻيو ويندو آهي، نيپال جو تينزنگ هليري ايئرپورٽ انهن ئي خطرناڪ هوائي اڏن مان هڪ آهي، اهو ايئرپورٽ دنيا جي سڀ کان اوچي جبل هماليه جي چوٽين جي جي وچ ۾ واقع شهر لُڪلا ۾ آهي، جنهن جي رن وي جي ڊيگھھ 460 ميٽر آهي. هتي صرف ننڍا جهاز ۽ هيليڪاپٽر ئي لينڊ ڪرڻ جي اجازت آهي. هن ايئرپورٽ جي رن وي جي اتر ۾ پهاڙن جو چوٽيون آهن ته ڏکڻ ۾ 600 ميٽر گهريون کاهيون آهن، اهو ئي سبب آهي ته ان ايئرپورٽ کي دنيا جو سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ايئرپورٽ قرار ڏنو ويندو آهي. اسڪاٽ لينڊ جو بارا ايئرپورٽ به دنيا جي خطرناڪ ايئرپورٽن ۾ ليکبو آهي ۽ ڪنهن به ريت نيپال واري ايئرپورٽ کان گھٽ مشڪل ۽ خطرناڪ نه آهي، اصل ۾ اهو ايئرپورٽ سمنڊ جي ساحل تي واقع آهي، تنهنڪري جڏهن به سمنڊ ۾ چاڙهه ايندو آهي ته اهو ايئرپورٽ به پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويندو آهي، هتي سمنڊ ۾ اڪثر طوفان به ايندا رهندا آهن، جنهن ڪري هتي جهاز سامونڊي طوفانن جي حساب سان ئي لينڊنگ ۽ ٽيڪ آف ڪندا آهن، مالديپ جي مالي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان اڏام يا جهاز جي لينڊنگ به ڪنهن پائلٽ لاءِ چئلينجنگ آهي. اهو ايئرپورٽ سمنڊ جي ساحل کان صرف ٻه ميٽر اوچائي تي تعمير ڪيو ويو آهي. اهو ايئرپورٽ سمنڊ جي وچ ۾ ٺاهيل آهي، جتي پائليٽن جي هڪ ننڍڙي ڀل به هوائي جهاز کي سڌو هندي سمنڊ ۾ غرق ڪري سگھي ٿي، هن جي خاص ڳالهه اها به آهي ته هي دنيا جو واحد ايئرپورٽ آهي جيڪو ڏامر سان تعمير ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عام طور ايئرپورٽ ۾ صرف ڪنڪريٽ يا ڪن صورتن ۾ گھرج آهر ڏامر به شامل ڪيو ويندو آهي، خاص ڪري وڏن ۽ واپاري اڏن جي تعمير ۾ ته ڪنڪريٽ کي ئي ترجيح ڏني ويندي آهي ڇو جو ڪنڪريٽ جو رن وي وڌيڪ جٽادار ثابت ٿئي ٿو، ڪيريبيائي ٻيٽ سابا جي جوُيانڪوو اِي اراسڪن ايئرپورٽ تي جهاز لينڊ ڪرڻ ڪنهن ڪمزور دل واري پائلٽ جو ڪم بلڪل به نه آهي. اهو دنيا جي سڀ کان وڏي رن ويز مان هڪ آهي، جنهن جي ڊيگهه 396 ميٽر آهي. اهو رن وي جابلو ٽڪرين تي اڏايل آهي، جيڪا ٽن پاسن کان سمنڊ کان گھيريل آهي، هڪ پاسي جابلو چوٽيون آهن. پائليٽ جي ننڍڙي غلطي به وڏي نقصان جو سبب بڻجي سگھي ٿي ۽ جهاز ۽ مسافر سمنڊ ۾ ٻڏي يا ٽڪرين سان ٽڪرائجي اجل جو شڪار ٿي سگھن ٿا، آمريڪا جي ڪولوراڊو ۾ واقع ايئرپورٽ ٽيلورائڊ ريجنل ايئرپورٽ 2767 ميٽر جي اوچائي تي آهي، هتي هڪ ئي رن وي آهي جيڪا ٽڪرائين جبلن تي واقع آهي، جنهن کي آڏو 300 ميٽر اونھائي ۾ سان مَگُل ندي وهندڙ آهي، هتي به جهاز جو لينڊ ڪرڻ وارو عمل هڪ لڱ ڪانڊاريندڙ تجربو ثابت ٿي سگھي ٿو، اهڙي ريت ڪنهن وقت ۾ هانگ ڪانگ جو ڪائي ٽاڪا ايئرپورٽ به تمام خطرناڪ ايئرپورٽن مان هڪ هو، جتي 1925ع کان 1998ع تائين جهاز لهندا ۽ اڏامون ڪندا رهندا هئا پر هاڻي ان ايئرپورٽ کي بند ڪيو ويو آهي، اهو ايئرپورٽ ان ڪري خطرناڪ هو جو ان جي ٻنھي پاسن کان وڏيون وڏيون عمارتون هيون، جڏهن ته عام طور ايئرپورٽن جي ڀرپاسي ۾ اوچيون عمارتون ٺاهڻ تي پابندي هوندي آهي، جڏهن ته هن ايئرپورٽ جو رن وي به ننڍو هو، هن وقت جيتوڻيڪ سڄي دنيا ۾ هوائي سفر تي يا ته پابندي آهي يا اهو محدود ڪيو ويو آهي پر هوائي سفر تي پابندي جي خاتمي کان پوءِ مهم جوئي جو شوقين سياح اهڙن هوائي اڏن جو سفر ڪري اهڙن ايئرپورٽن بابت حقيقتن جي تصديق ڪري سگھي ٿو.