91

سنڌ ۾ اسڪول کولڻ جو فيصلو ۽ قوم جون ذميواريون

ايڊيٽوريل

سنڌ حڪومت 30 آگسٽ کان صوبي اندر سمورن نجي ۽ سرڪاري اسڪول کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن مطابق صوبي ۾ 30 آگسٽ کان سمورا اسڪول کلي ويندا ۽ اسڪول هفتي ۾ 6 ڏينهن کليل رهندا، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته 50 سيڪڙو ٻار هڪڙي ڏينهن ايندا ۽ باقي 50 سيڪڙو ٻئي ڏينهن ايندا، سرڪار طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اسڪول جا سربراهه استادن ۽ ٻئي اسٽاف جي 100 سيڪڙو ويڪسينيشن يقيني بڻائين، ان کان اڳ سنڌ حڪومت جي تعليم واري کاتي جي ورڪنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ اسڪول کولڻ جي حوالي سان فيصلو ڪيو ويو هو، ڪاميٽي فيصلو ڪيو ته  100 سيڪڙو ويڪسينيٽيڊ اسٽاف وارا اسڪول ئي هفتي ۾ 6 ڏينهن کولي سگهجن ٿا. اسان سمجهون ٿا ته مشروط طور تي ئي سهي سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ اسڪول کولڻ جو فيصلو انتهائي اهم فيصلو آهي ۽ هن وقت اهڙي فيصلي جي سخت ضرورت هئي، ڇو ته گذريل ٻن سالن کان ڪورونا جي عالمي وبا جي ڪري اسڪول بند هجڻ سبب صوبي جي تعليم کي سخت نقصان پهتو آهي، ان حقيقت کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته  ڪورونا هڪ خطرناڪ مرض آهي، جنهن سڄي دنيا کي لوڏي ۽ ڌوڏي ڇڏيو آهي ۽ اهو به سچ آهي ته اڃا تائين دنيا جي وڏن وڏن ملڪن جن ۾ آمريڪا ۽ يورپ جا ملڪ شامل آهن، اتي به ادارا بند آهن ۽ ان حقيقت کان انڪار به سج کاري هيٺان لڪائڻ  جي برابر ٿيندو ته ڪورونا تي دنيا اندر ڪٿي به مڪمل ضابطو اچي نه سگهيو آهي، پر اها به حقيقت آهي ته ڪورونا سان گڏ رهي احتياط ڪري اسان پنهنجي زندگي ڏانهن موٽي سگهون ٿا، ڇو ته جڏهن چين مان هي وبا پکڙي هئي ۽ دنيا اندر تباهي مچائيندي پئي وئي ان وقت به ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ماهرن اهو چيو هو ته هاڻي دنيا کي ڪورونا سان گڏ گڏ هلڻو پوندو، اهو ته خدا جو شڪر آهي ته دنيا ان مرض جو تڪڙو علاج ڳولي ورتو، جيڪو اسان وٽ ڪميءَ جي رفتار سان ئي سهي پهچي ضرور ويو آهي ۽ هن وقت پاڪستان ۾ به ڪورونا کان بچاءَ واري ويڪسين موجود آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته وهمن، خدشن ۽ عجيب قسم جي افواهن کانپوءِ ويڪسينيشن جو عمل انتهائي سست آهي، پر اهو رڳو اسان جو نه سڄي دنيا جو مسئلو آهي، دنيا جا سڌريل سڏجندڙ ملڪ ۽ اتان جا ماڻهو اسان کان وڌيڪ توهم پرست آهن، آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ به ويڪسينيشن جو عمل انتهائي سست آهي ۽ اتي جي آبادي جي اڌ کان وڌيڪ انگ اڃا تائين ويڪسين ناهي ڪرائي، هي عمل هلندو رهندو، جيستائين دنيا مڪمل آگاهه نه ٿي ٿئي، تيستائين ويڪسين ائين ئي آهستي آهستي پنهنجو سفر جاري رکندي، پر ڪو بهانو بڻائي زندگي جي ڪاروهنوار کي روڪي نه ٿو سگهجي، ان ڪري اسان سنڌ حڪومت کي ان فيصلي جي ڀرپور آجيان ڪندي خاص ڪري اسڪولن جي استادن، اسٽاف ۽ اتي پڙهندڙن ٻارڙن جي والدين کي اها اپيل ڪريون ٿا ته خدارا پنهنجي ٻارڙن جي مستقبل جي ڪري ئي ويڪسينيشن ڪرايو، ڇو ته جيڪڏهن اوهان ويڪسين نه ڪرائيندا ته اوهان جا ٻار اسڪول کان ٻار رهجي ويندا ۽ اوهان جو پورو مستقبل اونداهو ٿي ويندو، گڏوگڏ جيڪي استاد يا ٻيو اسٽاف ويڪسين نه ڪرائيندو اهو به اسڪولن کان ٻاهر رهجي ويندو ۽ نتيجي طور انهن جي ٻرندڙ چلهه وسامجڻ جو خطرو آهي. ان ڪري اچو ته هن انتهائي اهم مسئلي کي سنجيدگي سان حل ڪريون ۽ پنهنجن ٻچن جو مستقبل اونداهو ٿيڻ کان بچايون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو