ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ هڪ مسافر ٻيڙي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 21 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ گم ٿي ويا آهن. رپورٽ مطابق بيجوئي نگر ويجهو حادثي جو شڪار ٿيل ٻيڙي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا. مقامي پوليس عملدارن ٻڌايو ته گذريل رات پيش آيل ان واقعي کانپوءِ ريسڪيو اهلڪارن 21 ڄڻن جا لاش ڪڍيا آهن جڏهن ته گم ٿيل 50 ڄڻن جي ڳولها جاري آهي.
