نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ گذريل ڏينهن ڪورونا وائرس جا 46759 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. جرمن نشرياتي اداري مطابق ڀارت جي ڏکڻ رياست ڪيرالا ۾ هڪ وڏي فيسٽيول کانپوءِ ڪورونا ڪيسز ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي. ڀارت ۾ هاڻي اٽڪل 33 ملين ماڻهن ۾ ان وائرس جي تشخيص ٿي چڪي آهي جڏهن ته مجموعي طور تي فوتگين جو انگ 4 لک 37 هزار کان وڌي ويو آهي. واضح رهي ته ڀارت ۾ سامهون آيل مجموعي ڪورونا ڪيسز مان 70 جو تعلق ڪيرالا ۾ ٿيل هڪ مقامي فيسٽيول سان آهي.
