اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) طالبان جي ترجمان ذبيع الله مجاهد چيو آهي ته ڪابل ايئرپورٽ تي امن امان ضابطي ۾ آهي، فائرنگ جي اطلاع بي بنياد آهي. پاڪستان ٽيليويزن سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايئرپورٽ جي ڀرپاسي جي سيڪيورٽي طالبان وٽ آهي. هن عوام کي چيو ته اها پرسڪون رهي، ايئرپورٽ تي افغان شهرين جي داخلا منع آهي، ايئرپورٽ جا رستا بند آهن. ڀرپاسي رش آهي تنهن ڪري مشڪل کان بچڻ جي لاءِ شهري ايئرپورٽ وڃڻ کان پاسو ڪن. هن چيو ته جتي آمريڪي فوج موجود آهي، اتي افراتفري ۽ بدنظمي آهي، خطرن کان بچڻ جي لاءِ افغان عوام وڃڻ کان پاسو ڪري.
