109

ارسا چيئرمين هٽائي سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، نه ته دما دم مست قلندر ٿيندو: پيپلزپارٽي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار وفاق کان ارسا چيئرمين کي هٽائي نئون چيئرمين سنڌ مان مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. زراعت واري صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ چيو آهي ته ارسا چيئرمين آبي معاهدي تحت سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو، ارسا قانون مطابق ڪوبه ميمبر 65 سالن کان وڏي ڄمار وارو شخص مقرر نٿو ٿي سگهي، موجوده ارسا چيئرمين جي عمر 74 سالن کان مٿي آهي، اهڙو عمل ارسا رولز جي خلاف آهي، غيرقانوني ويٺل ارسا چيئرمين کي هٽايو وڃي. منظور وساڻ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته سکر بيراج ۾ صرف 80 هزار ڪيوسڪ پاڻي بچيو آهي، پاڻي نه ملڻ ڪري سنڌ جو ساريالو، ڪپهه، ڪمند ۽ ٻيو فصل متاثر ٿئي پيو. منطور وساڻ عمران حڪومت کي وارننگ ڏيندي چيو ته ارسا چيئرمين کي جيڪڏهن نه هٽايو ويو ۽ سنڌ کي حصي جو پاڻي نه مليو ته پوءِ عمران حڪومت خلاف دمادم مست قلندر ٿيندو، سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ملڻ ڪري ڪراچي، بدين، ٺٽو ۽ سجاول ۾ زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي. منظور وساڻ جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت ارسا چيئرمين کي هٽائي سڀني صوبن لاءِ قابل قبول ۽ انصاف ڪندڙ سنڌ مان نئون چيئرمين مقرر ڪيو وڃي. هن چيو ته تونسا پنجند ڪينال مان هن وقت به بندوق جي زور تي پنجاب حڪومت ارسا چيئرمين سان ملي ڪري پاڻي چوري ڪري رهي آهي، پنجاب جون اعلي شخصيات پنهنجون زرعي زمينون آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جو پاڻي چوري ڪن پيون. منظور وساڻ چيو ته سنڌ جو پاڻي بند ڪري عمران حڪومت ملڪ ۾ ڪپهه، چانورن، ڪمند ۽ ٻين فصلن جو نئون بحران پيدا ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن کي ناڪام بڻائينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو