ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه چيو آهي ته وفاقي وزيراطلاعات فواد چوڌري جو تجربو رڳو وفاداريون تبديل ڪرڻ آهي ۽ کيس خبر ناهي ته هو ٻن ڪلاڪن کانپوءِ ڪهڙي پارٽي ۾ هوندو، اھڙين ڳالهين جو اظهار اڄ ھن فواد چوڌري جي بيان جي ردعمل ۾ ڪيو آهي ـ شازيا مري وڌيڪ چيو ته ڪونڊي ۾ پوکيل پي ٽي آءِ ڪونڊي ۾ ئي سڙي وئي آھي ۽ جن کي سنڌ جي عوام بار بار رد ڪيو، اهي تحريڪ انصاف ۾ شامل آهن، ھن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ ايندڙ چونڊون پيپلزپارٽي ئي کٽيندي.
