ٽنڊو الهيار (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽنڊو الهيار ۾ ورڪرز ڪنووينشن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته کيس ٽنڊو الهيار اچڻ جي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي هتان جي عوام هميشه پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏنو آهي ۽ آمريت خلاف جدوجهد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي جڏهن ته هتان جي ماڻهن ايم آر ڊي توڙي ٻين تحريڪن ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو آهي ۽ هتان جي ماڻهن کي اهو شعور آهي ته پنهنجا بنيادي حق ڪيئن وٺڻا آهن _ هتي اچڻ جو مقصد اوهان کي هوشيار ڪرڻ آهي ته هڪ دفعو ٻيهر تيار ٿيو نااهل وفاقي حڪومت مان جان ڇڏائجي اوهان سڀ ڄاڻو ٿا ته هن ملڪ ۾ فقط هڪ ئي جماعت آهي جيڪا ان سليڪٽڊ نااهل حڪومت جي مخالف ڪري سگهي ٿي ۽ اها پيپلز پارٽي آهي جيڪا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پارٽي آهي جڏهن به ملڪ ۾ غير جمهوري حڪومتون اقتدار ۾ هونديون آهن اهي عوام جو حق غضب ڪنديون آهن جيئن آمريت جي دور ۾ ٿيندو هو- هڪ دفعو ٻيهر موجوده وفاقي حڪومت سنڌ جي ماڻهن سان سندن انساني ، جمهوري ۽ معاشي حقن جو استحصال ڪري رهي آهي ۽ اها حڪومت پاڪستان جي عوام جي معاشي قاتل بڻجي سامهون آئي آهي جڏهن کان اها حڪومت آئي آهي تڏهن کان بيروزگار ، مهانگائي ۽ ٻيا مسئلا پيدا ٿيا آهن _ هن چيو ته وفاقي حڪومت جي ٽن سالن ۾ اها ڪاميابي آهي ته پاڪستان ۾ مهانگائي بنگلاديش ۽ افغانستان کان به وڌيڪ آهي ۽ روزگارجي حامل ماڻهن کان روزگار کسيو ويو آهي ۽ هزارين خاندانن جو معاشي قتل ڪيو ويو آهي اها خان صاحب جي تبديلي آهي _ هن چيو ته موجوده وفاقي حڪومت دوران غربت ۽ بيروزگار ي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي جنهن جو مثال ماضي جي ڪنهن به حڪومت ۾ نٿو ملي- هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جڏهن به اقتدار ۾ ايندي آهي اها هميشه هر شعبي جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي آهي ۽ هارين ۽ پينشنرن جو ڀرپور ساٿ ڏنو ويندو آهي ڇو جو پ پ غريبن جي جماعت آهي پر وفاقي حڪومت پاران عوام کان سندن روزگار جو حق به کسيو پيو وڃي _ هن چيو ته اسٽيل مل جيڪا شهيد قائد عوا م جو ڪارنامو هو کي وفاقي حڪومت بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان 10 هزار خاندان بيروزگار ٿي ويا آهن _ هن چيو ته 2010 ۾ بحال ڪيل ملازمن کي پڻ بيروزگار ڪيو ويو آهي ڄاڻايل بيروزگار ٿيل ماڻهن کي شهيد بينظير ڀٽو جي دور ۾ روزگار سان لڳايو ويو ۽ نواز شريف جي دور ۾ کين بيروزگار ڪيو ويو جڏهن ته 2010 ۾ اسيمبلي مان پاس ٿيل ايڪٽ تحت ڄاڻايل ملازمن کي ٻيهر بحال ڪيو ويو ۽ موجوده حڪومت جي غلط فيصلن سبب هاڻي 16 هزار کان وڌيڪ خاندانن کي بيروزگار ڪري سندن معاشي قتل ڪيو ويو آهي جڏهن ته پارليامينٽ ملڪ جو سپريم ادارو آهي ۽ اتان پاس ٿيل قانون کي رد نٿو ڪري سگهجي تنهن هوندي به ان قانون کي رد ڪري عوام سان زيادتي ڪئي وئي آهي – شهيد قائد هن ملڪ جي عوام سان واعدو ڪيو هو ته اسان پنهنجي عوام کي اٽو ، لٽو ۽ اجهو ڏينداسين ان جي ابتڙ خان صاحب غريب ماڻهن کان اٽو ، لٽو ۽ اجهو کسي رهيو آهي اسان سڀني کي گڏجي هن نااهل حڪومت کي ختم ڪرڻو آهي ۽ ملڪ ۾ پي پي پي جو راڄ قائم ڪرڻو آهي ۽ هڪ عوامي حڪومت آڻڻي آهي_ هن چيو ته هڪ ئي صوبي ۾ پبلڪ سروس ڪميشن کي غير فعال ڪري سنڌ جي نوجوانن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي ۽ جن وٽ روزگار آهي انهن جو روزگار خطري ۾ آهي اهو انهيءَ ڪري جو پبلڪ سروس ڪميشن بند پيل آهي _ هن چيو ته پاڪستان جي عوام پهريان به پي ٽي آئي کي رد ڪيو هو ۽ هاڻي به رد ڪندي اها حڪومت نيازي جي پهرين ۽ آخري حڪومت هوندي.
